Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 2:6 - Sindhi Bible

6 ۽ اُهو نوڪر جو لاباري وارن تي رکيل هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ اها موآبڻ ڇوڪري آهي جا موآب جي ملڪ مان نعوميءَ سان گڏجي موٽي آئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 رکوالي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اها هڪڙي ڌاري نوجوان عورت آهي، جا موآب جي ملڪ مان نعوميہ سان گڏجي آئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 2:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرام چيو تہ اي خداوند خدا تون مون کي ڇا ڏيندين؟ آءٌ تہ بي اولاد آهيان ۽ منهنجي گهر جو مختيار اليعزر دمشقي آهي.


۽ ابرهام پنهنجي گهر جي سڀني کان پراڻي نوڪر کي سڏيو، جو سندس ساري ملڪيت جو خيال رکندو هو، ۽ چيائينس تہ مهرباني ڪري، پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رک:


تنهنڪري هن کيس پنهنجي گهر جو مختيار مقرر ڪيو ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ هن جي حوالي ڪيائين: ۽ يوسف هن جي خدمت ڪندو رهيو ۽ هن جي مهربانيءَ جي نظر مٿس هئي.


۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن ڊاک جي باغ جي مالڪ پنهنجي ڪمدار کي چيو تہ ڪمين کي سڏي پوئين کان وٺي پهرئين تائين کين مزوري ڏي.


تڏهن اُهو ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس ڌڻي پنهنجن نوڪرن چاڪرن جي مٿان رکي وڃي، تہ انهن کي مهل سر کاڌو پيتو رسائي؟


۽ روٿ چيو تہ مون کي منٿ نہ ڪر تہ توکي ڇڏي هلي وڃان ۽ تنهنجي پٺيان نہ هلان ۽ موٽي وڃان: ڇالاءِ جو جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ هلنديس؛ ۽ جتي تون رهندينءَ اُتي آءٌ بہ رهنديس: تنهنجي قوم منهنجي قوم ٿيندي، ۽ تنهنجو خدا منهنجو خدا ٿيندو:


تڏهن هو ٻئي ڄڻيون اُٿي هليون ۽ بيت الحم ۾ آيون. تڏهن سڄو شهر اچي گڏ ٿيو، ۽ زالون چوڻ لڳيون تہ هيءَ نعومي نہ آهي ڇا؟


انهيءَ طرح نعومي موٽي آئي، ۽ ساڻس گڏ سندس ننهن روٿ موآبي، ۽ اُهي بيت الحم ۾ جوَن جي فصل لهڻ واريءَ موسم جي شروع ۾، موآب جي ملڪ مان موٽي اچي پهتيون.


تڏهن بوعز انهن لاباري جي مٿان رکيل پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ هيءَ ڪنهن جي ڇوڪري آهي؟


۽ هوءَ چوڻ لڳي تہ مهرباني ڪري گڏن ۾ لاباري ڪندڙن جي پٺيان مون کي سنگ چونڊي گڏ ڪرڻ جي موڪل ڏيو: پوءِ هوءَ آئي ۽ صبح کان وٺي هن وقت تائين پئي ڪم ڪيو اٿس، رڳو ٿورو وقت سو گهر ۾ ترسي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ