Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 2:22 - Sindhi Bible

22 تڏهن نعوميءَ پنهنجي ننهن روٿ کي چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ، ائين چڱو آهي تہ تون هن جي نوڪرياڻين سان ويندي رهہ، ۽ هو توکي ڪنهن ٻيءَ ٻنيءَ ۾ نہ ڏسن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 نعوميہ پنهنجي ننهن کي چيو تہ ”منهنجي ڌيءَ! تنهنجي لاءِ چڱو آهي تہ تون هن جي نوڪرياڻين سان گڏجي ويندي ڪر، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن ٻئي جي ٻنيءَ ۾ متان تو سان ڪو ڇيڙڇاڙ ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 2:22
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي دوست کي ۽ پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي نہ ڏي، ۽ پنهنجي مصيبت جي ڏينهن پنهنجي ڀاءُ جي گهر ڏي نہ وڃ، ڇالاءِ جو انهيءَ ڀاءُ کان جو پري آهي ويجهو پاڙيسري بهتر آهي.


اي زالن ۾ سڀني کان حسين، جي توکي اها خبر نہ آهي تہ ڌڻ جي پيرن تي پنهنجو رستو ڏيو هلي وڃ، ۽ پنهنجن ڇيلن کي ڌنارن جي تنبن جي پاسي ۾ چار.


۽ جڏهن پطرس هيٺ ايوان ۾ هو، تڏهن سردار ڪاهن جي نوڪرياڻين مان هڪڙي آئي؛


۽ روٿ موآبڻ چيو تہ هن مون کي چيو آهي تہ جيستائين منهنجا جوان ماڻهو منهنجو سڄو لاباري جو ڪم لاهين تيستائين تون انهن جي ويجهو رهج.


انهيءَ طرح هوءَ بوعز جي نوڪرياڻين سان سنگ گڏ ڪندي رهي، جيستائين جوَن ۽ ڪڻڪ جي لاباري جي موسم پوري نہ ٿي. ۽ هوءَ پنهنجي سس سان گڏ گذاريندي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ