Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 2:20 - Sindhi Bible

20 ۽ نعوميءَ پنهنجي ننهن کي چيو تہ جنهن شخص جيئرن توڙي مُئن کان پنهنجي مهرباني روڪي نہ ڇڏي آهي تنهن کي خداوند شل برڪت وارو ڪري، ۽ نعوميءَ چيس تہ هن ماڻهوءَ جي اسان سان قرابت آهي، ۽ هو اسان جي ويجهن مائٽن مان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 نعوميہ پنهنجي ننهن کي چيو تہ ”خداوند شل انهيءَ شخص کي برڪت ڏئي جيڪو اسان جيئرن توڙي اسان جي مئلن تي مهرباني ٿو ڪري.“ نعوميہ کيس وڌيڪ چيو تہ ”اهو ماڻهو اسان جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 2:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود يبيس جلعاد جي ماڻهن ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ خداوند شل اوهان کي برڪت وارو ڪري جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ کي، يعني سائول کي اها مهرباني ڏيکاري آهي، ۽ انهيءَ کي دفن ڪيو اٿوَ.


۽ دائود چيو تہ سائول جي گهراڻي مان ڪو اڃا رهيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي يونتن جي خاطر مهرباني ڏيکاريان؟


پر مون کي خبر آهي تہ منهنجو نجات بخشيندڙ جيئرو آهي، ۽ اهو پڇاڙيءَ جي ڏينهن زمين تي اٿي بيهندو.


دوست هر وقت پيار ڪري ٿو، ۽ ڀاءُ مصيبت جي وقت لاءِ ڄائو آهي.


جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي ويو هجي، ۽ ملڪيت مان ڪجهہ کڻي وڪڻي، تہ هن جو ويجهو مائٽ اچي، ۽ جيڪي سندس ڀاءُ وڪيو هجي سو ڇڏائي.


پر آئون خداوند ۾ ڏاڍو خوش ٿو ٿيان، جو نيٺ منهنجي لاءِ اوهان پنهنجو خيال تازو ڪيو آهي؛ بيشڪ اڳي بہ اوهان کي انهي بابت خيال هو، مگر اوهان کي وجهہ نٿي مليو.


۽ روٿ موآبڻ چيو تہ هن مون کي چيو آهي تہ جيستائين منهنجا جوان ماڻهو منهنجو سڄو لاباري جو ڪم لاهين تيستائين تون انهن جي ويجهو رهج.


هاڻي اهو سچ آهي تہ آءٌ ويجهو مائٽ آهيان: پر مون کان بہ ويجهو ٻيو هڪڙو مائٽ آهي.


۽ زالن نعوميءَ کي چيو تہ خداوند برڪت وارو آهي، جنهن اڄ توکي ويجهي مائٽ بنا ڇڏي نہ ڏنو، تنهنڪري ڀلي تہ انهيءَ جو نالو اسرائيل ۾ مشهور ٿئي.


۽ مون خيال ڪيو تہ اُها ڳالهہ توکي ظاهر ڪري ٻڌايان، ۽ چوان تہ هي جيڪي ويٺا آهن تن جي روبرو، ۽ منهنجي قوم جي بزرگن جي روبرو اُها خريد ڪر. جيڪڏهن تون اُها پئسا ڏيئي ڇڏائڻ گهرين تہ ڇڏاءِ: پر جي اُها ڇڏائڻ نہ گهرين تہ مون کي ٻڌاءِ تہ مون کي معلوم ٿئي: ڇالاءِ جو توکان سواءِ ٻيو ڪوبہ انهي جي وري خريد ڪرڻ وارو ڪونهي، ۽ آءٌ توکان پوءِ آهيان. ۽ هن چيو تہ آءٌ اُها وٺندس.


۽ انهيءَ ويجهي مائٽ چيو تہ آءٌ اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪري نٿو سگهان، تہ متان آءٌ پنهنجي ميراث کي خراب ڪري ڇڏيان، منهنجو خريد ڪرڻ جو حق تون پاڻ وٺ؛ ڇالاءِ جو آءٌ نٿو خريد ڪري سگهان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ