Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 2:19 - Sindhi Bible

19 ۽ سندس سس چيو تہ اڄ تو ڪٿي پئي سنگ گڏ ڪيا آهن؟ ۽ ڪٿي تو ڪم پئي ڪيو آهي؟ برڪت وارو هجي اُهو شخص جنهن تنهنجي خبر لڌي. ۽ هن پنهنجي سس کي ٻڌايو تہ اُهو ماڻهو ڪير هو جنهن وٽ ڪم پئي ڪيائين؛ ۽ چيائينس تہ انهي ماڻهو جو نالو بوعز آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 سندس سس کانئس پڇيو تہ ”اڄ ڪٿان سنگ چونڊيا اٿيئي؟ ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ ڪم پئي ڪيئِہ؟ خدا شال انهيءَ شخص کي برڪت ڏئي جنهن تنهنجو خيال رکيو.“ پوءِ رُوت پنهنجي سس کي انهيءَ شخص جي باري ۾ ٻڌايو جنهن وٽ ڪم پئي ڪيائين. رُوت کيس ٻڌايو تہ ”جنهن ماڻهوءَ وٽ اڄ مون ڪم ڪيو تنهن جو نالو آهي بوعز.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 2:19
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيڪل جي ورانڊي وٽ بہ هن پيلپاوا کڙا ڪيا: ۽ سڄي هٿ وارو پيلپائو کڙو ڪري انهيءَ جو نالو ياڪن رکيائين: ۽ کٻي هٿ وارو پيلپائو کڙو ڪري انهيءَ جو نالو بوعز رکيائين.


مبارڪ آهي اهو ماڻهو جيڪو غريب جو خيال ٿو رکي: خداوند ان کي مصيبت جي وقت ڇڏائيندو.


خداوند انهي جي سنڀال ڪندو، ۽ کيس جيئرو رکندو، هو زمين تي مبارڪ ٿيندو؛ تون انهي کي سندس دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏ.


اي خدا اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو آهي، تہ سندن ڏينهن ۾، ۽ قديم زماني ۾ تو ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن.


تڏهن هوءَ منهن ڀر زمين تي ڪنڌ جهڪائي هن کي چوڻ لڳي تہ جڏهن آءٌ ڌارين مان آهيان، تڏهن ڪهڙي سبب مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي جو تون منهنجي ايتري خبر ٿو لهين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ