Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 2:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن هن چيو، تہ منهنجا سائين، ڀلي تہ تنهنجي نظر ۾ مون کي مان ملي، ڇالاءِ جو تو مون کي تسلي ڏني آهي، ۽ تو پنهنجي ٻانهيءَ سان مهربانيءَ سان ڳالهايو آهي، جيتوڻيڪ آءٌ تنهنجن ٻانهين مان هڪڙيءَ جو مٽ نہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 رُوت وراڻيس تہ ”منهنجا وڏيرا! شال توهان جي مهربانيءَ جي نظر مون تي رهي. توهان پنهنجي ٻانهيءَ سان مهربانيءَ سان ڳالهائي دلداري ڏني آهي، توڻي جو آءٌ توهان جي نوڪرياڻين مان ڪنهن هڪڙيءَ جهڙي بہ ناهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 2:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ قاصد يعقوب وٽ موٽي آيا ۽ چيائون تہ اسين تنهنجي ڀاءُ عيسوءَ وٽ وياسين، ۽ هو پاڻ چار سؤ ماڻهو ساڻ ڪري توکي گڏجڻ لاءِ ٿو اچي.


پر يعقوب چيو تہ نہ، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ هاڻي جيڪڏهن تو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، تہ منهنجي سوکڙي قبول ڪر. آءٌ تنهنجو منهن ائين ٿو ڏسان، ڄڻ تہ خدا جو منهن ڏٺو اٿم، ۽ تون مون تي راضي بہ ٿيو آهين.


تڏهن عيسوءَ چيو تہ چڱو ڀلا جيڪي ماڻهو مون وٽ آهن، تن مان ڪي تو وٽ ڇڏي ٿو وڃان. پر هن چيو تہ انهيءَ جو ڪهڙو ضرور آهي، شل منهنجي مالڪ جي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي.


تڏهن هن چيو تہ هيءَ سڄي جماعت، جا مون کي اچي گڏي آهي، تنهن ۾ تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ هن چيو تہ انهيءَ لاءِ تہ مون تي منهنجي مالڪ جي مهربانيءَ جي نظر ٿئي.


۽ هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي، ۽ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي پيار ڪرڻ لڳو، ۽ ساڻس پيار جون ڳالهيون ڪيائين.


شل قادر مطلق خدا انهيءَ ماڻهوءَ کي اوهان تي مهربان ڪري تہ هو اوهان جي ٻئي ڀاءُ کي ۽ بنيمين کي آزاد ڪري اوهان کي ڏئي.


تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ڏس جيڪي مفيبوست جو آهي سو سڀ تنهنجو آهي، ۽ ضيبا چيو تہ آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان: اي منهنجا سائين، اي بادشاهہ، شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.


خداوند جو خوف ڏاهپ جي تعليم آهي؛ ۽ عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ تون مون کي ايشي سڏيندينءَ؛ ۽ مون کي وري اڳتي بعلي نہ سڏيندينءَ.


نفاق يا اجائي وڏائي جي ڪري ڪجهہ بہ نہ ڪريو؛ پر نماڻا ٿي هڪ ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجهو؛


۽ هن جو مڙس اُٿيو، ۽ اُتي ويو تہ هن کي پرچائي موٽائي وٺي اچي، ۽ هو پاڻ سان پنهنجو نوڪر، ۽ ٻہ گڏهہ بہ وٺي ويو: ۽ انهيءَ زال هن کي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ جڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي ڏٺو تڏهن هن سان ملاقات ڪرڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو.


شل خداوند توکي تنهنجي ڪم جو اُجورو ڏئي، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا کان توکي پورو انعام ملي، جنهن جي کنڀن هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.


۽ مانيءَ مهل بوعز چيس تہ هيڏانهن اچ ۽ ماني کاءُ، ۽ پنهنجو گرهہ سرڪي ۾ ٻوڙ. پوءِ هوءَ لاباري ڪرڻ وارن جي پاسي ۾ وڃي بيٺي: ۽ هنن ڦلا ڏنس، جي هن کاڌا ۽ پيٽ ڀريائين، ۽ ڪجهہ بچائي بہ رکيائين.


۽ هن چيو تہ شل تنهنجي ٻانهي تنهنجي نظر ۾ مان لهي. پوءِ اُها زال پنهنجي واٽ وٺي هلي ويئي، ۽ وڃي ماني کاڌائين، ۽ انهي کان پوءِ هن جو چهرو غمگين نہ رهيو.


تڏهن هوءَ اُٿي، ۽ منهن زمين تي رکي سجدو ڪيائين ۽ چيائين تہ ڏس، تنهنجي ٻانهي پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن جي پيرن ڌوئڻ واري پورهيت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ