Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 2:12 - Sindhi Bible

12 شل خداوند توکي تنهنجي ڪم جو اُجورو ڏئي، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا کان توکي پورو انعام ملي، جنهن جي کنڀن هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 شال خداوند تو کي تنهنجي ڪم جو اجورو ڏئي، شال خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان تو کي پورو انعام ملي، هائو، انهيءَ کان جنهن جي پرن جي پاڇي هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 2:12
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اک جي پتلي وانگر مون کي سنڀال، ۽ مون کي پنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ لڪاءِ،


۽ انهيءَ ڪري تنهنجي ٻانهي کي اطلاع ٿو ملي: انهن جي مڃڻ ۾ وڏو اجر آهي.


اي خدا تنهنجي ٻاجهہ ڪهڙي نہ قيمتي آهي! ۽ بني آدم تنهنجن پرن جي هيٺ اَجهو ٿا وٺن.


مون تي رحم ڪر، اي خدا، مون تي رحم ڪر؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان تنهنجي پناهہ ۾ آهي: هائو جيستائين هي آفتون ٽري نہ وڃن تيستائين آءٌ تنهنجن کنڀن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺندس.


تڏهن ماڻهو چوندا تہ سچ پچ راستباز جي واسطي اجر آهي: بيشڪ اهو خدا آهي جو زمين تي انصاف ٿو ڪري.


آءٌ هميشہ تنهنجي خيمي ۾ رهندس: آءٌ تنهنجن پرن جي هيٺ پناهہ وٺندس.


ڇالاءِ جو تون منهنجو مددگار رهيو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي پرن جي پاڇي ۾ خوشيون ڪندس.


هو توکي پنهنجن کنڀن سان ڍڪيندو، ۽ سندس پرن هيٺ توکي پناهہ ملندي: هن جي سچائي ڍال ۽ سپر آهي.


شرير ماڻهو ٺڳيءَ جي ڪمائي ڪمائي ٿو: پر جيڪو سچائي پوکي ٿو تنهن کي سچو انعام ملي ٿو.


ڇالاءِ جو انعام جي پڪ آهي؛ ۽ تنهنجي اميد وڍجي نہ ويندي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ رئڻ کان پنهنجو آواز روڪ، ۽ لڙڪن کان پنهنجن اکين کي جهل: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي تنهنجو اجر ملندو: ۽ هو دشمن جي ملڪ مان موٽي ايندا.


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


خوشي ڪريو ۽ ڏاڍا سرها ٿيو، ڇالاءِ جو اوهان جو اجر آسمان ۾ وڏو آهي: ڇوتہ جيڪي نبي اوهان کان اڳي هئا تن کي بہ انهي طرح ستايو هئائون.


خبردار ٿيو، متان ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ انهن جي اڳيان چڱا ڪم ڪريو، نہ تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن کان اجر ڪونہ ملندوَ:


پر اوهين پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو، اُڌارو ڏيو ۽ نااُميد نہ ٿيو، تہ اوهان جو اجر وڏو ٿيندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا فرزند ٿيندا: ڇوتہ هو بي شڪرن ۽ برن تي مهربان آهي.


ائين نہ ٿئي تہ ڪوبہ ماڻهو جو پنهنجي حليميءَ تي فخر ٿو ڪري، ۽ ملائڪن جي عبادت ٿو ڪري، سو اوهان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي، ڇوتہ اهڙو ماڻهو پنهنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي روايتن ۾ محو ٿو رهي،


(شل خداوند هن کي اهو بخشي تہ انهي ڏينهن کيس خدا جو رحم حاصل ٿئي؛) ۽ جيڪي خدمتون هن افسس ۾ ڪيون، سي تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو.


هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن.


۽ مسيح جي واسطي ذلت سهڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجهيائين: ڇالاءِ تہ جيڪو اجر ملڻو هوس، تنهن تي سندس نظر هئي.


۽ ايمان کانسواءِ هن کي پسند اچڻ ناممڪن آهي: ڇالاءِ جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنهن کي ايمان آڻڻ گهرجي تہ هو موجود آهي، ۽ جيڪي سندس طالب آهن، تن کي اجر ٿو ڏئي.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


۽ روٿ چيو تہ مون کي منٿ نہ ڪر تہ توکي ڇڏي هلي وڃان ۽ تنهنجي پٺيان نہ هلان ۽ موٽي وڃان: ڇالاءِ جو جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ هلنديس؛ ۽ جتي تون رهندينءَ اُتي آءٌ بہ رهنديس: تنهنجي قوم منهنجي قوم ٿيندي، ۽ تنهنجو خدا منهنجو خدا ٿيندو:


۽ بوعز هن کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪي تو پنهنجي مڙس جي مئي کان پوءِ پنهنجي سس سان ڪيو سو سمورو مون کي ٻڌايو ويو آهي: ۽ ڪهڙيءَ طرح تو پنهنجو پيءُ ۽ ماءُ ۽ پنهنجو وطن ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ قوم ۾ آئي آهين جنهن کي تون اڳي نہ سڃاڻندي هئينءَ.


تڏهن هن چيو، تہ منهنجا سائين، ڀلي تہ تنهنجي نظر ۾ مون کي مان ملي، ڇالاءِ جو تو مون کي تسلي ڏني آهي، ۽ تو پنهنجي ٻانهيءَ سان مهربانيءَ سان ڳالهايو آهي، جيتوڻيڪ آءٌ تنهنجن ٻانهين مان هڪڙيءَ جو مٽ نہ آهيان.


۽ اُهو تنهنجي لاءِ حياتي نئين سر تازي ڪرڻ وارو، ۽ تنهنجي پيريءَ جو ڀرجهلو ٿيندو: ڇالاءِ جو تنهنجي ننهن، جنهن جي توسان محبت آهي، ۽ جا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ چڱي آهي، تنهن اُنهيءَ کي ڄڻيو آهي.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ جيڪر اهو هن کي سلامت ڇڏي ڏئي ڇا؟ تنهنڪري شل خداوند توکي انهي چڱائي جو چڱو عيوض ڏئي، جا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.


۽ هاڻي ڏس، مون کي خبر آهي تہ ضرور تون بادشاهہ ٿيندين، ۽ اسرائيل جي حڪومت تنهنجي هٿ ۾ قائم ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ