Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 2:11 - Sindhi Bible

11 ۽ بوعز هن کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪي تو پنهنجي مڙس جي مئي کان پوءِ پنهنجي سس سان ڪيو سو سمورو مون کي ٻڌايو ويو آهي: ۽ ڪهڙيءَ طرح تو پنهنجو پيءُ ۽ ماءُ ۽ پنهنجو وطن ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ قوم ۾ آئي آهين جنهن کي تون اڳي نہ سڃاڻندي هئينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 بوعز کيس ورندي ڏيئي چوڻ لڳو تہ ”تو پنهنجي مڙس جي مُئي کان پوءِ جيڪي بہ پنهنجيءَ سس سان ڪيو آهي، سو سمورو مون کي ٻڌايو ويو آهي، تہ ڪيئن نہ تون پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجي وطن کي ڇڏي انهيءَ قوم ۾ آئي آهين جنهن کي تون اڳي نہ ڄاڻيندي هئينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 2:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود کي وڃي ٻڌايائون تہ اياہ جي ڌيءَ رصفہ، سائول جي سريت هيئن ڪيو آهي.


اي ڌيءَ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌ ۽ غور ڪر؛ پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جو گهر وساري ڇڏ.


سو ساڳيءَ ريت اوهان مان ڪوبہ جيسين ڪ جيڪي اٿس، سو سڀ ڇڏي نٿو ڏئي، تيسين اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.


۽ جڏهن هنن پنهنجون ٻيڙيون ڪنڌيءَ تي آنديون، تڏهن سڀ ڪجهہ ڇڏي اُٿي سندس پٺيان هليا.


ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، هيئن چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن تہ اُٿي گهُم ڦر؟


۽ نعوميءَ چيو تہ اي منهنجون ڌيئرون، موٽي پئو: ڇو مون سان هلڻ ٿيون گهرو؟ هن کان پوءِ آءٌ ڪي پٽ ڄڻينديس ڇا، جي اوهان جا مڙس ٿيندا؟


تڏهن هوءَ منهن ڀر زمين تي ڪنڌ جهڪائي هن کي چوڻ لڳي تہ جڏهن آءٌ ڌارين مان آهيان، تڏهن ڪهڙي سبب مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي جو تون منهنجي ايتري خبر ٿو لهين؟


شل خداوند توکي تنهنجي ڪم جو اُجورو ڏئي، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا کان توکي پورو انعام ملي، جنهن جي کنڀن هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.


۽ هن چيو تہ منهنجي ڌيءَ، خداوند توکي برڪت وارو ڪري: تو منڍ کان پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ مهرباني ڏيکاري آهي، جو تون غريب توڙي شاهوڪار جوانن جي پٺيان نہ ويئينءَ.


۽ اُهو تنهنجي لاءِ حياتي نئين سر تازي ڪرڻ وارو، ۽ تنهنجي پيريءَ جو ڀرجهلو ٿيندو: ڇالاءِ جو تنهنجي ننهن، جنهن جي توسان محبت آهي، ۽ جا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ چڱي آهي، تنهن اُنهيءَ کي ڄڻيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ