Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 1:17 - Sindhi Bible

17 جتي تون مرندينءَ اُتي آءٌ بہ مرنديس: جيڪڏهن موت کان سواءِ ڪا ٻي شيءِ توکي ۽ مون کي ڌار ڪري، تہ خداوند مون سان بہ ائين ڪري، بلڪ وڌيڪ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جتي تون مرندينءَ آءٌ بہ اتي ئي مرنديس، جتي تون دفن ٿيندينءَ آءٌ بہ اتي ئي دفن ٿينديس. جيڪڏهن موت کان سواءِ آءٌ تو کان جدا ٿيان، تہ خداوند مون کي ان جي سزا ڏئي بلڪ ان کان بہ وڌيڪ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 1:17
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏئي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي جان جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ويندو انهيءَ هنڌ ضرور تنهنجو ٻانهو بہ ويندو، پوءِ مري يا جيئي.


۽ اوهين عماسا کي چئو تہ تون منهنجو هڏ ۽ ماس ناهين ڇا؟ جيڪڏهن تون منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ يوآب جي بجاءِ لشڪر جو سردار نہ هجين، تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


۽ سڀيئي ماڻهو آيا، انهيءَ لاءِ تہ ڏينهن بيٺي دائود کي ماني کارائين؛ پر دائود قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ وڌيڪ.


خدا شل ابنير سان ائين ڪري ۽ وڌيڪ بہ، جي آءٌ دائود سان اهڙو سلوڪ نہ ڪريان، جيئن خداوند دائود سان قسم کڻي انجام ڪيو آهي؛


۽ هيئن ٿيو تہ هن جي دفن ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي پٽن کي چيو تہ جڏهن آءٌ مران تڏهن مون کي بہ انهيءَ قبر ۾ دفن ڪجو جنهن ۾ اهو خدا جو ٻانهو دفن ڪيل آهي.


تڏهن ايزبل هڪڙي قاصد جي هٿان ايلياہ کي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سڀاڻي هن وقت ڌاري تنهنجي حياتي بہ هنن مان هڪڙي جهڙي نہ ڪريان، تہ معبود مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ وڌيڪ.


پوءِ بادشاهہ سليمان خداوند جو قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن ادونياہ اها ڳالهہ خود پنهنجي جان جي برخلاف نہ ڪئي هجي تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


۽ بن هدد هن ڏي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سامريہ جي مٽي منهنجي پٺيان ايندڙن سڀني ماڻهن جي مُٺين ڀرڻ لاءِ پوري ٿي سگهي، تہ معبود شل مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


تڏهن هن چيو تہ جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن اليشع بن سافط جي سسي سندس ڌڙ تي بيٺي تہ خدا شل مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


اي ڌيءَ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌ ۽ غور ڪر؛ پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جو گهر وساري ڇڏ.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


۽ روٿ چيو تہ مون کي منٿ نہ ڪر تہ توکي ڇڏي هلي وڃان ۽ تنهنجي پٺيان نہ هلان ۽ موٽي وڃان: ڇالاءِ جو جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ هلنديس؛ ۽ جتي تون رهندينءَ اُتي آءٌ بہ رهنديس: تنهنجي قوم منهنجي قوم ٿيندي، ۽ تنهنجو خدا منهنجو خدا ٿيندو:


۽ اُهو تنهنجي لاءِ حياتي نئين سر تازي ڪرڻ وارو، ۽ تنهنجي پيريءَ جو ڀرجهلو ٿيندو: ڇالاءِ جو تنهنجي ننهن، جنهن جي توسان محبت آهي، ۽ جا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ چڱي آهي، تنهن اُنهيءَ کي ڄڻيو آهي.


تڏهن سائول چيو تہ خدا شل ائين ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ: ڇالاءِ جو اي يونتن، تون ضرور مرندين.


خداوند يونتن سان شل ائين ئي ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ ڪري، بشرطيڪ منهنجي پيءُ جي توسان برائي ڪرڻ جي مرضي هوندي ۽ آءٌ اُها توکي ظاهر ڪري نہ ٻڌائيندس، ۽ توکي روانو نہ ڪري ڇڏيندس تہ صحيح سلامت هليو وڃين: ۽ خداوند توسان هجي، جيئن ڪ هو منهنجي پيءُ ساڻ رهيو آهي.


سو جيڪڏهن آءٌ صبح جي سوجهري کان اڳي جيڪي هن وٽ آهن تن مان هڪڙو ڇوڪرو ئي کڻي ڇڏيان، تہ شل خدا دائود جي دشمنن سان ائين ڪري بلڪ زيادہ.


۽ هن چيس تہ اها ڳالهہ ڪهڙي آهي جا خداوند توکي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اُها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن اُهي ڳالهيون جي خدا توکي چيون آهن تن سڀني مان ڪا مون کان لڪائيندين، تہ خدا شل توسان ائين ئي ڪري، بلڪ اِنهي کان بہ وڌيڪ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ