Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 1:16 - Sindhi Bible

16 ۽ روٿ چيو تہ مون کي منٿ نہ ڪر تہ توکي ڇڏي هلي وڃان ۽ تنهنجي پٺيان نہ هلان ۽ موٽي وڃان: ڇالاءِ جو جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ هلنديس؛ ۽ جتي تون رهندينءَ اُتي آءٌ بہ رهنديس: تنهنجي قوم منهنجي قوم ٿيندي، ۽ تنهنجو خدا منهنجو خدا ٿيندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پر رُوت وراڻيو تہ ”مون کي ائين نہ چئُہ تہ آءٌ تو کي ڇڏي وڃان، مون کي پاڻ سان گڏ هلڻ کان نہ موٽاءِ. جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ وينديس، جتي تون رهندينءَ آءٌ بہ اتي ئي رهنديس. جيڪا قوم تنهنجي آهي سا منهنجي بہ ٿيندي، جيڪو خدا تنهنجو آهي سو ئي منهنجو بہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 1:16
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏئي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي جان جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ويندو انهيءَ هنڌ ضرور تنهنجو ٻانهو بہ ويندو، پوءِ مري يا جيئي.


اي ڌيءَ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌ ۽ غور ڪر؛ پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جو گهر وساري ڇڏ.


دوست هر وقت پيار ڪري ٿو، ۽ ڀاءُ مصيبت جي وقت لاءِ ڄائو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


بادشاهہ داني ايل کي ورندي ڏيئي چيو تہ حقيقت ڪري اوهان جو خدا، معبودن جو خدا، ۽ بادشاهن جو خداوند، ۽ ڳجهن جو ظاهر ڪندڙ آهي، جو تون هي ڳجهہ ظاهر ڪري سگهيو آهين.


تنهنڪري آءٌ حڪم ٿو ڪريان تہ سڀ ماڻهو، قومون ۽ ٻوليون، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي نسبت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، تن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏبو، ۽ انهن جا گهر ڊاهي گند جو ڍير ڪري ڇڏبا: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جو هن طرح بچائي ٿو سگهي.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


انهي هوندي بہ آءٌ مصر جي زمين کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان، تون ڪنهن ٻئي معبود کي نہ ڄاڻندو هئين، ڇالاءِ جو مون کان سواءِ ٻيو نجات ڏيندڙ ڪونهي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.


۽ هڪڙو فقيهہ آيو ۽ کيس چيائين، تہ اي اُستاد، جيڏانهن تون ويندين، اوڏانهن آئون بہ تنهنجي پٺيان هلندس.


پطرس چيس تہ خداوند، ڇو آئون هينئر تنهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندس؟ آئون تنهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.


تنهن تي هن ورندي ڏني، تہ اوهين هي ڇا ٿا ڪريو، جو روئي رڙي منهنجي دل ٿا ڀڃو! ڇالاءِ جو آئون تہ خداوند يسوع جي نالي تي يروشلم ۾ نہ رڳو ٻَڌجڻ لاءِ تيار آهيان، پر مرڻ لاءِ بہ.


ڇالاءِ جو هو پاڻ اسان جي نسبت ۾ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان وٽ اسان جو اچڻ ٿيو؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح اوهين بُتن کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦريا، تہ اُن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو،


۽ خداوند اسان جي اڳيان سڀ قومون، يعني جيڪي اموري انهي زمين ۾ رهندا هئا، تن کي هڪالي ڪڍيو: تنهنڪري اسين بہ انهي خداوند جي عبادت ڪنداسين، ڇالاءِ جو اهو ئي اسان جو خدا آهي.


هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.


۽ هن چيس تہ ڏس تنهنجي ڏيرياڻي پنهنجي قوم ڏانهن، ۽ پنهنجي معبود ڏانهن موٽي ويئي آهي، تون بہ پنهنجي ڏيرياڻيءَ جي پٺيان موٽي وڃ.


جتي تون مرندينءَ اُتي آءٌ بہ مرنديس: جيڪڏهن موت کان سواءِ ڪا ٻي شيءِ توکي ۽ مون کي ڌار ڪري، تہ خداوند مون سان بہ ائين ڪري، بلڪ وڌيڪ.


۽ اُهو نوڪر جو لاباري وارن تي رکيل هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ اها موآبڻ ڇوڪري آهي جا موآب جي ملڪ مان نعوميءَ سان گڏجي موٽي آئي آهي.


۽ اُهو تنهنجي لاءِ حياتي نئين سر تازي ڪرڻ وارو، ۽ تنهنجي پيريءَ جو ڀرجهلو ٿيندو: ڇالاءِ جو تنهنجي ننهن، جنهن جي توسان محبت آهي، ۽ جا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ چڱي آهي، تنهن اُنهيءَ کي ڄڻيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ