Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 1:15 - Sindhi Bible

15 ۽ هن چيس تہ ڏس تنهنجي ڏيرياڻي پنهنجي قوم ڏانهن، ۽ پنهنجي معبود ڏانهن موٽي ويئي آهي، تون بہ پنهنجي ڏيرياڻيءَ جي پٺيان موٽي وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 نعوميہ چيس تہ ”ڏس، تنهنجي ڏيرياڻي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي مذهب ڏانهن موٽي وڃي ٿي. تون بہ ساڻس موٽي وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 1:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايلياہ اليشع کي چيو تہ مهرباني ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي بيت ايل تائين موڪليو آهي. ۽ اليشع چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تنهنڪري هو بيت ايل ڏي ويا.


پر جيڪي پنهنجي ڏنگيءَ واٽ ڏانهن ٿا ڦرن، تن کي خداوند خطاڪارن سان گڏ وٺي ويندو. شل اسرائيل تي سلامتي هجي.


انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.


۽ انهن کي بہ جي خداوند کان ڦري ويا آهن؛ ۽ جن خداوند کي نہ ڳوليو آهي ۽ نہ سندس ڪا پڇا ڪئي اٿن.


تنهن تي هن ورندي ڏيئي چيس تہ آءٌ ڪين هلندس، پر آءٌ پنهنجي وطن ويندس، جتي منهنجا مٽ مائٽ آهن.


۽ جنهن ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، تنهن کي اچي اوڏو پيا، ۽ هن اهڙو رخ رکيو جو ڄڻ اڳتي وڃڻو اٿس.


پر منهنجو راستباز بندو ايمان جي ڪري جيئندو؛ ۽ جي هو پٺتي هٽندو، تہ منهنجي دل هن کان خوش نہ ٿيندي.“


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


تڏهن يشوع انهن ماڻهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگهندا؛ ڇالاءِ جو هو پاڪ خدا آهي؛ هو غيرت وارو خدا آهي؛ هو اوهان جون خطائون ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.


اهي نڪتا تہ اسان منجهان ئي آهن، مگر اُهي اسان جا ڪين هئا؛ ڇالاءِ جو جي هو اسان منجهان هجن ها، تہ اسان سان گڏ ٿي رهندا اچن ها: پر هو نڪري ويا آهن، انهي لاءِ تہ ظاهر ٿئي تہ هو سڀ اسان منجهان ناهن.


جيڪي تنهنجي معبود ڪموس توکي ورثو ڪري ڏنو آهي سو تون جيڪر هٿ نہ ڪرين ڇا؟ انهي طرح جنهن کي خداوند اسان جي هٿان ڦرايو آهي، تن کي اسين ضرور هٿ آڻينداسين.


۽ هو وري بہ رڙيون ڪري روئڻ لڳيون: ۽ عرفہ پنهنجي سس کي چُميو؛ پر روٿ هن کي چهٽي پيئي.


۽ روٿ چيو تہ مون کي منٿ نہ ڪر تہ توکي ڇڏي هلي وڃان ۽ تنهنجي پٺيان نہ هلان ۽ موٽي وڃان: ڇالاءِ جو جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ هلنديس؛ ۽ جتي تون رهندينءَ اُتي آءٌ بہ رهنديس: تنهنجي قوم منهنجي قوم ٿيندي، ۽ تنهنجو خدا منهنجو خدا ٿيندو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ