Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 1:14 - Sindhi Bible

14 ۽ هو وري بہ رڙيون ڪري روئڻ لڳيون: ۽ عرفہ پنهنجي سس کي چُميو؛ پر روٿ هن کي چهٽي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهن تي هو وري بہ رڙيون ڪري روئڻ لڳيون. پوءِ عرفہ پنهنجيءَ سس کان ڀاڪر پائي موڪلايو، پر رُوت پنهنجيءَ سس کي چنبڙي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 1:14
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نڪي تو ايترو ڪيو جو آءٌ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي چُمي کانئن موڪلايان؛ هاڻي تو اهو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.


۽ لابن صبح جو سوير اُٿيو ۽ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي چميائين، ۽ کين برڪت ڏنائين: پوءِ لابن روانو ٿيو ۽ موٽي پنهنجي گهر آيو.


۽ سڀ ماڻهو يردن لنگهي پار ويا، ۽ بادشاهہ بہ پار لنگهيو: پوءِ بادشاهہ برزليءَ کي چُمي ڏني، ۽ دعا ڪيائينس؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ ڏي موٽي ويو.


۽ هو ڏاند ڇڏي ايلياہ جي پٺيان ڊوڙيو، ۽ چوڻ لڳو تہ ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي چُمي اچان، ۽ پوءِ تنهنجي پٺيان ايندس. ۽ هن کيس چيو تہ موٽي وڃ؛ ڇالاءِ جو مون توکي ڇا ڪيو آهي؟


دوست هر وقت پيار ڪري ٿو، ۽ ڀاءُ مصيبت جي وقت لاءِ ڄائو آهي.


جيڪو گهڻا دوست ٿو ڪري سو خود پنهنجي ناس ٿيڻ لاءِ ٿو ڪري: پر اهڙو بہ ڪو دوست ٿيندو آهي جو ڀاءُ کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.


جيڪو پيءُ يا ماءُ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي، ۽ جيڪو پٽ يا ڌيءَ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي.


تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.


پر جڏهن انهي جوان اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن غمگين ٿي هليو ويو؛ ڇو جو گهڻيءَ ملڪيت وارو هو.


پر ڪي ماڻهو ساڻس وڃي گڏيا، ۽ ايمان آندائون: منجهن ديونوسوس، جو اريوپگس جو هڪڙو مشير هو، ۽ هڪڙي زال دمرس نالي هئي، ۽ ٻيا بہ ساڻن هئا.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


۽ اوهين جي خداوند پنهنجي خدا سان قائم رهيا، تن مان هرڪو اڄ ڏينهن تائين جيئرو آهي.


ڇالاءِ جو ديماس هن دنيا کي پسند ڪري مون کي ڇڏي ويو ۽ ٿسلونيڪيءَ ڏانهن هليو ويو؛ ڪريسڪينس گلتيہ ڏانهن، ۽ طيطس دلمتيہ ڏانهن هليو ويو.


پر اسين انهن مان نہ آهيون جي پٺتي هٽي برباد ٿا ٿين؛ بلڪ انهن مان آهيون جي ايمان آڻي پنهنجي روحن کي بچائين ٿا.


تہ انهيءَ لاءِ اوهين ايترو ڪو ترسنديون جيستائين هو وڏا ٿين؟ تيستائين اوهين ڪو مڙس ڪرڻ کان رهنديون ڇا؟ نہ منهنجون ڌيئرون؛ مون کي اوهان جو ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇو جو خداوند جو هٿ منهنجي برخلاف کنيل آهي.


۽ هن چيس تہ ڏس تنهنجي ڏيرياڻي پنهنجي قوم ڏانهن، ۽ پنهنجي معبود ڏانهن موٽي ويئي آهي، تون بہ پنهنجي ڏيرياڻيءَ جي پٺيان موٽي وڃ.


۽ جتي هوءَ هئي اُتان هوءَ پنهنجون ننهون ساڻ وٺي پنڌ پيئي، تہ يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي اچن.


۽ بوعز هن کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪي تو پنهنجي مڙس جي مئي کان پوءِ پنهنجي سس سان ڪيو سو سمورو مون کي ٻڌايو ويو آهي: ۽ ڪهڙيءَ طرح تو پنهنجو پيءُ ۽ ماءُ ۽ پنهنجو وطن ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ قوم ۾ آئي آهين جنهن کي تون اڳي نہ سڃاڻندي هئينءَ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ