Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 1:13 - Sindhi Bible

13 تہ انهيءَ لاءِ اوهين ايترو ڪو ترسنديون جيستائين هو وڏا ٿين؟ تيستائين اوهين ڪو مڙس ڪرڻ کان رهنديون ڇا؟ نہ منهنجون ڌيئرون؛ مون کي اوهان جو ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇو جو خداوند جو هٿ منهنجي برخلاف کنيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تہ پوءِ ڇا اوهين انهن جي وڏي ٿيڻ تائين ترسنديون؟ ڇا اوهين ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪنديون؟ نہ منهنجيون ڌيئرون، نہ. اها حالت اوهان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڏکوئيندڙ آهي، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قدرت جو هٿ منهنجي خلاف کنيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 1:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يهوداہ پنهنجيءَ ننهن تمر کي چيو تہ جيسين منهنجو پٽ سيلہ وڏو ٿئي، تيسين پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ بيوہ ٿي گذار؛ ڇالاءِ جو چيائين تہ متان هو بہ پنهنجن ڀائرن وانگي مري وڃي. تڏهن تمر وڃي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهڻ لڳي.


اي منهنجا عزيزو، مون تي رحم ڪريو، مون تي رحم ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا جو هٿ مون تي ڳورو آهي.


ڇو جو رات ڏينهن تنهنجو هٿ مون تي ڳورو هو: ۽ منهنجي تراوٽ مٽجي اونهاري جي سوڪ ٿي پيئي.


ڇالاءِ جو مون کي تنهنجا تير لڳا آهن، ۽ تنهنجو هٿ مون کي زور سان ٿو دٻائي.


انهي کان سواءِ خداوند جو هٿ انهن جي برخلاف هو، انهي لاءِ تہ انهن کي منزلگاهہ منجهان گم ڪري ڇڏي، تان جو هو مري کپي نابود ٿي وڃن.


جيڏانهن هو ويندا هئا اوڏانهن خداوند جو هٿ خرابيءَ لاءِ انهن تي رهندو هو، جيئن خداوند فرمايو هو، ۽ جيئن خداوند هنن سان قسم کنيو هو: ۽ هو تمام تنگ ٿيا.


اي منهنجون ڌيئون، موٽي پئو، ۽ پنهنجي واٽ وٺي هليون وڃو؛ ڇالاءِ جو آءٌ ڪراڙي آهيان، ۽ مڙس ڪرڻ کان ٻاهر آهيان. قبول ڪجي تہ جيڪڏهن اڄوڪي رات کڻي مون کي مڙس هجي ها ۽ آءٌ اميد واري هجان ها، ۽ کڻي پٽ ئي ڄڻيان ها؛


۽ هو وري بہ رڙيون ڪري روئڻ لڳيون: ۽ عرفہ پنهنجي سس کي چُميو؛ پر روٿ هن کي چهٽي پيئي.


آءٌ ڀريل ٻاهر ويئي هيس، ۽ خداوند مون کي خالي موٽائي گهر آندو آهي: جڏهن ڏسو ٿيون تہ خداوند منهنجي برخلاف ثابتي ڏني آهي، ۽ قادر مطلق مون تي مصيبت وڌي آهي، تہ پوءِ مون کي نعومي ڇو ٿيون ڪوٺيو؟


تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي سڀ فلستين جا سردار گهرائي آڻي گڏ ڪيا، ۽ چيائون تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو، ڀلي تہ پنهنجي اصلوڪي جاءِ تي وڃي، تہ اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي: ڇالاءِ جو سڄي شهر ۾ موت مار پريشاني پئجي ويئي هئي؛ خدا جو هٿ اُتي تمام ڳرو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ