10 ۽ هنن انهيءَ کي چيو تہ نہ، اسين توسان گڏجي تنهنجي قوم ۾ هلنديونسين.
10 ۽ ٻيئي کيس چوڻ لڳيون تہ ”نہ، اسين تو سان گڏ موٽي تنهنجيءَ قوم ۾ هلنديونسين.“
جيڪي توکان ڊڄن ٿا، ۽ تنهنجن قاعدن تي عمل ٿا ڪن، تن سڀني جو آءٌ ساٿي آهيان.
ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي.
لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.
۽ نعوميءَ چيو تہ اي منهنجون ڌيئرون، موٽي پئو: ڇو مون سان هلڻ ٿيون گهرو؟ هن کان پوءِ آءٌ ڪي پٽ ڄڻينديس ڇا، جي اوهان جا مڙس ٿيندا؟
۽ جتي هوءَ هئي اُتان هوءَ پنهنجون ننهون ساڻ وٺي پنڌ پيئي، تہ يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي اچن.
خدا شل ائين ڪري تہ اوهان منجهان هرڪا پنهنجي پنهنجي مڙس جي گهر ۾ سکي رهي. پوءِ هن انهن کي چُميو، ۽ هنن رڙيون ڪري رُنو.