Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:7 - Sindhi Bible

7 نڪي ابراهيم جي نسل مان هئڻ سبب اهي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آهن: پر لکيل آهي تہ ”اسحاق کان ئي تنهنجو نسل سڏيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 ۽ نہ وري ابرهام جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري اهي سڀ ايشور جا ٻار ليکيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پوِتر شاستر ۾ ابرهام کي فرمايو ويو آهي تہ ”تنهنجي پيڙهي اضحاق مان ئي سڏي ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ۽ نہ وري ابراهيم جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري اهي سڀ خدا جا ٻار ليکيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ ابراهيم کي فرمايو ويو آهي تہ ”تنهنجي پيڙهي اسحاق مان ئي سڏي ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ۽ نڪي ابراھيم جي نسل مان ھئڻ ڪري اھي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آھن. پر لکيل آھي تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل سڏيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا ابرهام کي چيو تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي بابت هن ڳالهہ تي ڏک نہ ڪر. جيڪا ڳالهہ سارہ توکي چوي ٿي، تنهن ۾ هن جو چوڻ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو نسل اسحاق مان سڏبو.


۽ پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ ڀانئيو، تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم جي لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.


تنهن تي هن چيو تہ نہ، بابا ابراهيم، جيڪڏهن ڪو مئلن مان اُنهن وٽ ويندو، تہ اُهي توبهہ ڪندا.


تنهنڪري توبهہ جي لائق ڦل اُپايو، ۽ پنهنجي دل ۾ ائين چوڻ جي نہ ڪريو تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي: ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.


هنن جواب ڏنس، تہ اسين ابراهيم جو اولاد آهيون، ۽ اڃا تہ ڪنهن جي غلامي ڪانہ ڪئي اٿئون: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ اوهين آزاد ٿيندا.


مگر ٻانهيءَ وارو پٽ جسمانيءَ طرح ڄائو هو، پر آزاد زال وارو پٽ واعدي جي ڪري ڄائو.


هاڻي اي ڀائرو، اسين اسحاق وانگر واعدي جو اولاد آهيون.


ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛


جنهن جي بابت چيو ويو تہ ”اسحاق مان ئي تنهنجو نسل جاري ٿيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ