Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:32 - Sindhi Bible

32 سو ڇو؟ هن ڪري تہ هنن اُنهيءَ کي ايمان سان نہ ڳوليو، پر ڄڻ تہ عملن سان. هنن ٿاٻڙائڻ واري پهڻ تي ٿاٻو کاڌو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن وشواس رکڻ جي وسيلي نہ، پر نيم تي عمل جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن ايمان رکڻ جي وسيلي نہ، پر شريعت تي عمل جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 ڇو؟ ڇالاءِ⁠جو ھنن شريعت کي ايمان جي وسيلي نہ ڳوليو پر عملن جي وسيلي ڳوليائون. انھن ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:32
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهو پاڪ مڪان جي بجاءِ ٿيندو؛ مگر اسرائيل جي ٻنهي گهراڻن لاءِ آٿڙڻ جي پٿر، ۽ ٿاٻي کائڻ جي ٽڪر جي بجاءِ ٿيندو، ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندي ۽ دام جي بجاءِ ٿيندو.


۽ انهيءَ تي گهڻا ئي آٿڙندا، ۽ ڪرندا، ۽ ڀڄي پوندا، ۽ ڦاسي پوندا، ۽ گرفتار ٿيندا.


سو هنن کيس قبول نہ ڪيو، پر يسوع چين تہ ڪنهن بہ نبيءَ جي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي گهر کانسواءِ ٻئي هنڌ بي عزتي ڪانہ ٿي ٿئي.


۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي:


۽ مبارڪ اهو آهي جو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.


ڇالاءِ جو هنن خدا جي راستبازيءَ کان ناواقف رهي، پنهنجي راستبازي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ خدا جي راستبازيءَ جا تابعدار نہ ٿيا.


تڏهن آئون چوان ٿو تہ هنن انهي لاءِ ٿاٻو کاڌو ڇا تہ ڪِري پون؟ اصل ئي نہ! پر هنن جي ٿاٻڙجڻ ڪري غير قومن کي نجات ملي، انهي لاءِ تہ غيرت اچينِ.


انهي سببان اهو ورثو ايمان ڪري ٿو ملي، تہ اُهو فضل موجب هجي؛ هِن لاءِ تہ اهو واعدو ساري نسل لاءِ قائم رهي؛ نہ فقط اُنهي نسل جي لاءِ جنهن وٽ شريعت آهي، پر انهي جي لاءِ بہ جنهن کي اسان سڀني جي پيءُ ابراهيم جهڙو ايمان آهي.


پر اسين مسيح مصلوب جي منادي ٿا ڪريون، جو يهودين جي لاءِ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ غير قومن جي لاءِ بيوَقوفي آهي؛


ڇالاءِ جو پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ چونڊيل ۽ ڪنڊ جو قيمتي پهڻ ٿو رکان: ۽ جيڪو اُنهي تي ايمان آڻيندو سو شرمندو نہ ٿيندو.“


۽ ”ٿاٻڙجڻ جو پهڻ ۽ ٺوڪر کائڻ جي ڇپ“: ڇالاءِ جو هو نافرمان ٿي ڪلام کان گمراهہ ٿا ٿين: ۽ انهي جي لاءِ هو مقرر بہ ڪيا ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ