Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:30 - Sindhi Bible

30 تڏهن اسين ڇا چئون؟ هي، تہ جن غير قومن راستبازيءَ جي ڳولا نہ ڪئي، تن کي اُها ملي، يعني اها راستبازي جا ايمان جي ڪري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن وشواس رکڻ جي ڪري ئي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي خدا پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن ايمان رکڻ جي ڪري ئي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 تڏھن اسين ڇا چئون؟ يعني ھي تہ غير قومون جن خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، تن کي اھا سچائي ملي ۽ اھا کين ايمان جي وسيلي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:30
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شرير جو رستو خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي: پر هو انهيءَ سان محبت رکي ٿو جو سچائيءَ تي هلي ٿو.


جيڪو سچائي ۽ رحم جي پٺيان هلي ٿو، سو حياتي، سچائي ۽ عزت لهي ٿو.


اوهين جي سچائيءَ تي هلو ٿا، ۽ خداوند کي ڳوليو ٿا سي منهنجي ٻڌو: جنهن ٽڪريءَ مان اوهين ٽڪيا ويا، ۽ جنهن کڏ جي ٽُنگ مان اوهين کوٽيا ويا، انهن ڏانهن نهاريو.


ڇالاءِ جو راستبازيءَ لاءِ ماڻهو دل سان ايمان ٿو آڻي، ۽ نجات جي واسطي وات سان اقرار ٿو ڪري.


يسعياہ نبي ڏاڍيءَ همت سان چوي ٿو تہ، ”جن مون کي نہ ڳوليو، تن مون کي لڌو، جن منهنجي پڇا بہ نہ ڪئي، تن تي آئون ظاهر ٿيس.“


پر جا راستبازي ايمان جي ڪري آهي، سا هيئن ٿي چوي تہ ”تون پنهنجي دل ۾ نہ چئُہ تہ ڪير آسمان تي چڙهندو؟“ (اِهو ٿيو مسيح کي هيٺ لاهڻ.)


پر جيڪڏهن اسان جي ناراستيءَ جي ڪري خدا جي خوبي ظاهر ٿي ٿئي، تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ خدا بي انصاف آهي ڇا، جو غضب نازل ٿو ڪري؟ (هي آئون انساني طور ٿو چوان.)


۽ کيس ختني جو نشان مليو، تہ انهي ايمان جي راستبازيءَ تي اها مهر ٿئي جو ايمان هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو، انهي لاءِ تہ هو انهن سڀني جو ابو ٿئي، جي بنا ختني جي حالت ۾ آهن تہ بہ ايمان ٿا آڻين، تہ انهن جي لاءِ بہ راستبازي ليکي وڃي؛


ڇالاءِ تہ ابراهيم يا سندس نسل کي جو واعدو ڏنو ويو هو، تہ تون جهان جو وارث ٿيندين، سو نہ شريعت جي ڪري، پر ايمان جي راستبازيءَ ڪري.


انهي سبب ڪري هن جي لاءِ اها راستبازي ليکي ويئي.


تڏهن اها برڪت مختونن جي ئي لاءِ آهي، يا انهن جي لاءِ بہ جيڪي نامختون آهن؟ ڇالاءِ جو اسين چئون ٿا تہ ابراهيم جي لاءِ سندس ايمان راستبازي ليکيو ويو.


تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون.


تڏهن اسين ڇا چئون؟ خدا وٽ بي انصافي آهي ڇا؟ اصل ئي نہ!


پر اسرائيل، جو راستبازيءَ جي شريعت جي ڳولا ۾ هو، سو انهيءَ شريعت تائين ڪونہ پهتو.


تہ بہ خبر اٿئون تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي ڪمن سان نہ، پر فقط يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان راستباز ٺهرايو ٿو وڃي. تنهنڪري اسان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو؛ تہ مسيح تي ئي ايمان آڻڻ ڪري اسين بہ راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ نہ شريعت جي ڪمن ڪري؛ ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن ڪري ڪوبہ انسان راستباز نہ ٺهربو.


تنهنڪري شريعت اسان کي مسيح تائين پهچائڻ لاءِ اسان جو اُستاد ٿي آهي، انهي لاءِ تہ ايمان جي ڪري اسين راستباز ٺهرايا وڃون.


۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“


ڇالاءِ جو اسين روح جي وسيلي ايمان جي ڪري راستبازيءَ جي اُميد جا منتظر آهيون.


۽ انهي وقت اوهين مسيح کان ڌار ۽ اسرائيلي جماعت کان خارج هئا، ۽ واعدي جي عهدن کان غير واقف هئا، ۽ دنيا ۾ نااُميد ۽ خدا کان جدا هئا،


۽ منجهس شريڪ ثابت ٿيان، نہ خود پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا شريعت کان آهي، پر اُنهيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا مسيح تي ايمان آڻڻ کان ۽ ايمان جي وسيلي خدا کان حاصل ٿي ٿئي.


پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.


ايمان ئي جي ڪري جيڪي ڳالهيون اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، تن جي نسبت ۾ خدا نوح کي خبردار ڪيو، ۽ هن خدا جي خوف کان پنهنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار ڪئي؛ ۽ ائين ڪرڻ سان هن جهان کي ڏوهاري ٺهرايو، ۽ پاڻ انهيءَ راستبازيءَ جو وارث ٿيو جا ايمان جي ڪري آهي.


ڇالاءِ جو جيترو وقت اوهان غير قومن موافق هلت ڪئي، يعني شهوت پرستيءَ، نفساني خواهشن، شراب خورين، عيش عشرت ۽ موجن ۽ ڪراهت جهڙي بُت پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ