Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:26 - Sindhi Bible

26 ”۽ ائين ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي ائين چيو ويو هو، تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هو جيئري خدا جا فرزند سڏبا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 اهو بہ لکيل آهي تہ ”جنهن جاءِ تي انهن کي چيو ويندو هو تہ ’اوهين منهنجي قوم نہ آهيو،‘ انهيءَ ساڳي جاءِ تي اهي ’جيوت ايشور جا ٻار‘ سڏبا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 اهو بہ لکيل آهي تہ ”جنهن جاءِ تي انهن کي چيو ويندو هو تہ ’اوهين منهنجي قوم نہ آهيو،‘ انهيءَ ساڳي جاءِ تي اهي ’زندہ خدا جا ٻار‘ سڏبا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 ”جنھن جاءِ تي انھن کي ائين چيو ويو تہ ’اوھين منھنجي قوم نہ آھيو،‘ انھيءَ ساڳي جاءِ تي ئي اھي زندہ خدا جا فرزند سڏبا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:26
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي جان خدا لاءِ يعني زندہ خدا لاءِ اُڃايل آهي: آءٌ ڪڏهن وڃي خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيندس.


آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان.


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي بادشاهت جي سڀني ڀاڱن ۾ ماڻهو داني ايل جي خدا جي حضور ڏڪن ۽ ڊڄن: ڇالاءِ جو اهو ئي جيئرو خدا آهي ۽ هميشہ قائم آهي، ۽ هن جي بادشاهت اهڙي آهي جا ناس ٿيڻ جي ڪانهي، ۽ هن جي حڪومت پڇاڙيءَ تائين قائم رهندي.


۽ شمعون پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آهين.


۽ نہ فقط هن قوم لاءِ، پر انهي لاءِ، تہ خدا جا ٻار جي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن، تن کي گڏي آڻي هڪ ڪري.


هن ڪري جو جيڪي خدا جي روح جي موجب هلن ٿا، سي خدا جا ٻار آهن.


تڏهن اُهو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاهدي ٿو ڀري، تہ اسين خدا جا ٻار آهيون:


تنهنڪري مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي فرزندن جي ظاهر ٿيڻ جي منتظر آهي،


۽ آئون اوهان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادر مطلق ائين ٿو فرمائي.“


ڇالاءِ جو اوهين سڀيئي مسيح يسوع ۾ ايمان رکڻ ڪري خدا جا ٻار آهيو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو: اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي پنبڻين جي وچ جا وار ڪوڙائجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ