Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:19 - Sindhi Bible

19 تڏهن تون مون کي چوندين تہ پوءِ هو قصوروار ڇو ٿو ٺهرائي؟ ڪير هن جي ارادي جو مقابلو ڪري ٿو سگهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 هاڻي شايد اوهان مان ڪو ائين چوي تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ آهي جو ڪو ايشور جي مرضيءَ جو مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ هو ڇو ٿو ماڻهن کي پاپي قرار ڏئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 هاڻي شايد اوهان مان ڪو ائين چوي تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ آهي جو ڪو خدا جي مرضيءَ جو مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ هو ڇو ٿو ماڻهن کي گنهگار قرار ڏئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 اوھين مون کي چوندا تہ پوءِ خدا ڇو ٿو ماڻھن کي ڏوھدار بڻائي؟ ڪنھن کي مجال آھي جو خدا جي مرضيءَ جي مخالفت ڪري سگھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:19
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر خدا کي انهيءَ مان ڀلائي ڪرڻي هئي، ۽ ائين ئي ڪرڻو هوس، جيئن اڄ ٿيو آهي، جو گهڻن ماڻهن جي حياتي بچي پيئي.


۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، تون آسمان ۾ خدا ناهين ڇا؟ ۽ قومن جي سڀني بادشاهتن تي تون حڪم هلائيندڙ ناهين ڇا؟ ۽ تنهنجي هٿ ۾ اهڙي قدرت ۽ طاقت آهي جو ڪوبہ توکي سامهون ٿي نٿو سگهي.


جيڪڏهن اسين طاقت وارن جي زور جو ذڪر ڪنداسين تہ ڏسو، هو اتي موجود آهي! ۽ جي عدالت جو، تہ ڪير مون کي وقت مقرر ڪري ڏيندو؟


بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.


اوهين سنئين شين کي اونڌو ٿا ڪريو! ڇا ڪنڀر مٽيءَ جهڙو ليکيو ويندو؛ ڇا جوڙيل شيءِ پنهنجي جوڙيندڙ بابت چوندي تہ هن مون کي نہ جوڙيو؛ ڇا ٺاهيل شيءِ پنهنجي ٺاهيندڙ بابت چوندي تہ هن کي سمجهہ ڪانهي؟


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


ڇالاءِ جو ابن آدم تہ وڃي ٿو، جيئن ڪ سندس بابت لکيل آهي، پر افسوس اُنهي ماڻهوءَ تي آهي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلجي ٿو! اُنهي ماڻهوءَ لاءِ چڱو ٿئي ها جي هو ڄمي ئي نہ ها.


۽ جڏهن هو خدا جي مقرر انتظام ۽ پيش بينيءَ جي ڪري جهلايو ويو، تڏهن هن کي اوهان بي دين ماڻهن جي هٿان صليب تي چاڙهي مارايو:


تڏهن تون چوندين تہ ٽاريون انهي لاءِ ڀڳيون ويون تہ آئون پيوند ٿيان.


هاڻي جيڪڏهن مسيح جي نسبت ۾ اها منادي ٿي ڪجي تہ هو مُئلن مان جي اُٿيو آهي، تڏهن اوهان مان ڪي ڪيئن چون ٿا تہ مُئلن جي قيامت ڪانهي؟


پر ڪو چوندو تہ مُئل ڪيئن ٿا جي اُٿن؟ ۽ اُهي ڪهڙي قسم جي بدن سان ٿا اچن؟


جڏهن ڪو ماڻهو آزمائش ۾ پوي، تڏهن انهي کي ائين چوڻ نہ گهرجي تہ منهنجي آزمائش خدا جي طرفان آهي، ڇالاءِ جو خدا پاڻ بڇڙائيءَ سان آزمايو نٿو وڃي، نڪي هو ڪنهن ماڻهوءَ کي آزمائي ٿو.


هائو، ڪو ماڻهو چوندو تہ تون ايمان ٿو رکين ۽ آئون عمل ٿو ڪريان: تون پنهنجو ايمان عمل کانسواءِ مون کي ڏيکار، ۽ آئون توکي پنهنجن عملن جي ڪري ايمان ڏيکاريندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ