Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:18 - Sindhi Bible

18 تنهنڪري هو جنهن تي رحم ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن تي رحم ٿو ڪري، ۽ جنهن کي سخت دل ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن کي سخت دل ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 مطلب تہ ايشور جنهن تي ديا ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي ديا ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 مطلب تہ خدا جنهن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 سو خدا جنھن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنھن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنھن کي سخت⁠دل ڪرڻ گھري ٿو تنھن کي سخت⁠دل ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:18
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃ؛ ڇالاءِ جو مون هن جي دل کي، ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان؛


پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪيو ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏني.


پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن هنن کي وڃڻ نہ ڏنو.


۽ موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ عجيب ڪم فرعون کي ڏيکاريا، پر خدا فرعون جي دل سخت ڪئي، ۽ هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ نہ ڏنو.


۽ ڏس آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس، ۽ هو انهن جي پٺيان پوندا، ۽ آءٌ فرعون تي، ۽ سندس ساري لشڪر تي، سندس گاڏين تي، ۽ سندس گهوڙي سوارن تي غالب پوندس.


۽ آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن جي پٺيان پوندو، ۽ آءٌ فرعون ۽ سندس ساري لشڪر تي غالب پوندس؛ ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان. سو هنن ائين ئي ڪيو.


۽ خداوند، موسيٰ کي چيو تہ جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين، تڏهن اهي سڀ معجزا جي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي سڀ فرعون جي اڳيان ڏيکارج؛ پر آءٌ هن جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


۽ آءٌ فرعون جي دل سخت ڪندس، ۽ پنهنجا معجزا، ۽ عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ وڌائيندس.


پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي، ۽ هن انهن جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن ڪ خداوند اڳيئي موسيٰ کي فرمايو هو.


تڏهن فرعون پڇا ڪرائي ۽ ڏسو، بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو هو. پر تڏهن بہ فرعون جي دل سخت ٿي، ۽ انهن ماڻهن کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين.


اي خداوند ڇو تون اسان کي پنهنجن رستن کان گمراهہ ٿو ڪرين، ۽ اسان جي دل کي سخت ٿو ڪرين تہ تنهنجو ڊپ نہ رکون؟ پنهنجن بندن جي خاطر، ۽ پنهنجي ميراث جي قبيلن جي خاطر موٽي اچ.


”هن سندين اکيون انڌيون، ۽ سندين دل سخت ڪري ڇڏي آهي؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪريانِ.“


ڇالاءِ جو اي ڀائرو، منهنجي اها مرضي نہ آهي تہ پنهنجي هٺ جي ڪري پاڻ کي ڏاهو سمجهي اوهين هن راز کان غير واقف رهو؛ تہ اسرائيل ۾ جا ڪجهہ قدر سنگدلي پيدا ٿي آهي، سا انهي لاءِ تہ غير قومون پوريءَ طرح داخل ڪيون وڃن.


تان تہ سندس انهي فضل جي جلال جي تعريف ٿئي، جو هن پنهنجي پياري ۾ اسان کي بخشيو:


پر حسبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا، هن جو مزاج تيز، ۽ دل سخت ڪئي، انهي لاءِ تہ هو انهي کي تنهنجي حوالي ڪري، جيئن ڪ اڄ ڪيو اٿس.


ڇالاءِ جو اهو خداوند جو حڪم هو، جنهن هنن جون دليون سخت ڪيون، تہ اسرائيل سان اچي جنگ ڪن، انهي لاءِ تہ هو کين صفا ناس ڪري ڇڏين، ۽ مٿن ڪابہ مهرباني نہ ٿئي، بلڪ هنن کي چٽ ڪري ڇڏين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ