12 تڏهن اُنهي کي چيو ويو تہ ”وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو.“
۽ هن عدوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا، بلڪ سڄي ادوم ۾؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.
۽ ادوم ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو: هڪڙو نائب بادشاهي ڪندو هو.
ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.