Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 9:1 - Sindhi Bible

1 آئون مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان، ۽ منهنجي دل بہ مون سان پاڪ روح ۾ شاهدي ٿي ڀري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 آءٌ مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي دل جيڪا پوِتر آتما جي وس ۾ آهي، سا بہ مون سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 آءٌ مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي دل جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آهي، سا بہ مون سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 جيڪو آءٌ چوان ٿو سو سچ آھي. آءٌ مسيح جو آھيان ۽ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. منھنجي دل، جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آھي سا بہ مون سان گڏ شاھدي ٿي ڏئي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 9:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،


هن ڪري جو هو ڏيکارين ٿيون تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي لکيل آهن، ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، ۽ سندن خيال پاڻ ۾ هڪٻئي تي، يا الزام ٿا آڻين يا ڇُٽل ٿا رکن؛


تڏهن اُهو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاهدي ٿو ڀري، تہ اسين خدا جا ٻار آهيون:


تہ مون کي ڏاڍو رنج آهي، ۽ منهنجي دل ۾ سدائين درد ٿو رهي.


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


پر آئون خدا کي پنهنجيءَ جان تي شاهد ڪري ٿو سڏيان، تہ اوهان تي ڪهل ڪرڻ جي سانگي آئون ڪرنٿيس ۾ نہ آيس.


مسيح جي سچائي جا مون ۾ آهي، تنهن موجب چوان ٿو تہ اخيہ جي پرڳڻن ۾ مون کي انهي فخر ڪرڻ کان ڪوبہ ماڻهو روڪي نٿو سگهي.


خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ، جو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي، سو ٿو ڄاڻي تہ آئون ڪوڙ نٿو چوان.


هيستائين اوهين شايد ائين پيا سمجهو تہ اسين اوهان جي اڳيان پنهنجو بچاءُ پيا ڏيون؟ اسين تہ خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح ۾ ٿا ڳالهايون. پر اي پيارو، سڀ ڳالهيون اوهان جي سڌاري لاءِ آهن.


هاڻي جي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، تن جي بابت خدا کي حاضر ڄاڻي آئون ڪوڙ نٿو ڳالهايان.


ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي تہ آئون مسيح يسوع جي اُلفت ڪري اوهان سڀني جي لاءِ ڪيترو نہ پيو سِڪان.


ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛


هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي.


آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان.


خدا ۽ مسيح يسوع، ۽ چونڊيل ملائڪن جي حضور ۾ آئون توکي تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن ڳالهين تي بنا تعصب عمل ڪر ۽ ڪنهن بہ ڪم ۾ پاسخاطري نہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ