Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:5 - Sindhi Bible

5 ڇالاءِ تہ جيڪي جسماني آهن، سي جسماني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن؛ پر جي روحاني آهن، سي روحاني ڳالهين جو فڪر ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 سو جيڪي انساني فطرت جي وس هيٺ آهن تن جي سوچ سنساري آهي، پر جيڪي پوِتر آتما جي وس هيٺ آهن تن جي سوچ آتمڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 سو جيڪي انساني فطرت جي تابع آهن تن جي سوچ دنياوي آهي، پر جيڪي پاڪ روح جي تابع آهن تن جي سوچ روحاني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي انساني فطرت جا تابعدار آھن. پر جيڪي پاڪ روح موجب ھلن ٿا سي پاڪ روح جا تابعدار آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن ڦري پنهنجن شاگردن ڏانهن نگاهہ ڪري پطرس کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: ڇالاءِ تہ توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جي ڳالهين جو فڪر اٿيئي.


جيڪي جسم مان پيدا ٿيو آهي، سو جسم آهي؛ ۽ جيڪي روح مان پيدا ٿيو آهي، سو روح آهي.


مگر اوهين جسماني نہ، پر روحاني آهيو، بشرطيڪ خدا جو روح اوهان ۾ رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آهي سو مسيح جو ناهي.


جهڙو اهو مٽيءَ مان هو، تهڙا اُهي بہ آهن جي مٽيءَ مان آهن؛ ۽ جهڙو اهو آسمان جو آهي، تهڙا اُهي بہ آهن جي آسمان جا آهن.


هاڻي جسماني ماڻهو خدا جي روح جون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، ڇالاءِ جو اُهي هن جي لاءِ بيوَقوفي آهن، ۽ اهي هو سمجهي بہ نہ ٿو سگهي، ڇالاءِ جو اهي روحاني طرح جاچي سگهبيون آهن.


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ اسين جسم ۾ هلون ٿا، تڏهن بہ جسماني طور وڙهون نٿا.


ڇالاءِ جو جسم روح جي برخلاف خواهش ٿو ڪري، ۽ روح جسم جي برخلاف؛ ۽ اُهي هڪ ٻئي جا مخالف آهن، انهي لاءِ تہ جيڪي اوهين چاهيو ٿا سو نہ ڪريو.


(ڇالاءِ جو روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائيءَ ۽ راستبازيءَ ۽ سچائيءَ ۾ آهي،)


۽ خاص ڪري انهن کي جي جسم جي ناپاڪ خواهشن تي ٿا هلن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ گستاخ ۽ ضدي آهن، ۽ جلال وارن جي گلا ڪرڻ کان بہ نٿا ڊڄن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ