Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:30 - Sindhi Bible

30 ۽ جن کي هن اڳيئي مقرر ڪيو، تن کي سڏيائين بہ؛ ۽ جن کي سڏيائين، تن کي راستباز بہ ٺهرايائين؛ ۽ جن کي راستباز ٺهرايائين، تن کي جلال بہ بخشيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 سو ايشور جن کي مخصوص ڪيو هو تن کي سڏيائين بہ، جن کي سڏيائين تن کي پاڻ ڏانهن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنهنجي جوت ۾ بہ شريڪ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 سو خدا جن کي مخصوص ڪيو هو تن کي سڏيائين بہ، جن کي سڏيائين تن کي پاڻ ڏانهن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنهنجي جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 سو خدا جن کي مخصوص ڪيو ھو تن کي ئي چونڊيائين ۽ جن کي چونڊيائين تن کي پاڻ ڏانھن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنھنجو جلوو بہ بخشيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:30
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون توکي زمين جي سرحدن مان هٿ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي ڪنڊن مان سڏيو اٿم، مون توکي چيو آهي تہ تون منهنجو بندو آهين، مون توکي چونڊيو آهي ۽ توکي رد ڪونہ ڪيو اٿم.


۽ جلال جو تو مون کي ڏنو آهي، سو مون کين ڏنو آهي؛ تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين هڪ آهيون.


اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو منهنجو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي مڃي ٿو، تنهن جي ئي هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اُهو عدالت ۾ نٿو اچي، پر موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آهي.


جن ۾ اوهين بہ سڏيا ويا آهيو، تہ يسوع مسيح جا پوئلڳ ٿيو:


ڇالاءِ جو خدا جون نعمتون ۽ سندس ڪوٺ بي تبديل آهن.


تنهنڪري هاڻي جيڪي مسيح يسوع ۾ آهن، تن تي سزا جو حڪم ڪونهي.


ڇالاءِ جو مخلوقات بہ فنا جي غلاميءَ کان ڇُٽي، خدا جي فرزندن جي جلال جي آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي خدا سان پيار ٿا رکن، تن جي لاءِ سڀ شيون گڏجي ڀلائي پيدا ٿيون ڪن، يعني انهن جي لاءِ جي سندس ارادي موجب سڏيا ويا آهن.


خدا جي انهي ڪليسيا ڏانهن جا ڪرنٿس ۾ آهي، يعني انهن ڏانهن جي مسيح يسوع ۾ پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ انهي لاءِ سڏيا ويا آهن تہ انهن سڀني سان گڏجي پاڪ ٿين، جي هر ڪنهن هنڌ پنهنجي ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نالو ٿا وٺن.


خدا سچو آهي، جنهن اوهان کي پنهنجي فرزند، اسان جي خداوند يسوع مسيح سان شريڪ ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


پر اسين هڪ راز يعني خدا جي اُها دانائي جا پوشيدہ هئي، ۽ جنهن کي خدا جهان جي شروعات کان اڳيئي اسان جي جلال لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن جو بيان ٿا ڪريون.


۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.


ڇالاءِ جو اسان جي هيءَ هلڪي مصيبت جا ٿوري وقت لاءِ آهي، سا اسان جي واسطي بيحد وڏو ۽ ابدي جلال ٿي پيدا ڪري؛


پر جنهن خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنهنجي فضل سان سڏيو، تنهن جي جڏهن اها مرضي ٿي


مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنهن اوهان کي مسيح جي فضل ۾ سڏيو، تنهن کان اوهين اهڙو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو؛


اها نصيحت اوهان جي سڏڻ واري کان ڪانہ آئي.


انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛


۽ هن پنهنجي مرضيءَ جي نيڪ ارادي موجب اسان کي پنهنجي لاءِ اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ يسوع مسيح جي وسيلي سندس گود جا ٻار ٿيون،


۽ انهي سان گڏ اسان کي اُٿاري مسيح يسوع ۾ آسماني جاين ۾ ساڻس گڏ ويهاريائين:


انهي ازلي ارادي موافق، جو هن اسان جي خداوند يسوع مسيح ۾ ڪيو هو:


هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي روح، جيئن ڪ اوهين بہ پنهنجي ڪوٺ وقت هڪڙي ئي اُميد ۾ ڪوٺيا ويا هئا؛


جڏهن مسيح، جو اسان جي زندگي آهي، سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ جلال ۾ ظاهر ٿيندا.


انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي لائق هلت چلت ڪريو؛ جو اوهان کي پنهنجيءَ بادشاهت ۽ جلال ۾ سڏي ٿو.


اها ڳالهہ سچي آهي، تہ جيڪڏهن اسين هن سان گڏ مُئاسين تہ وري هن سان گڏ جيئرا بہ ٿينداسين:


۽ انهي ڪري هو نئين عهد جو درمياني آهي، تہ پهرئين عهد جي زماني ۾ جيڪي قصور ٿيا هئا تن جي معافيءَ لاءِ، اُهو موت جو هن سَٺو، تنهن جي وسيلي، جي ماڻهو سڏيل آهن، سي واعدي موجب هميشہ جو ورثو حاصل ڪن.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو، ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو؛ پر اُٽلندو دعا ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين انهي لاءِ سڏيا ويا هئا تہ برڪت جا وارث ٿيو.


خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.


تنهنڪري اي ڀائرو، پنهنجي ڪوٺ ۽ چونڊ جي خاطري ڪرڻ لاءِ زيادہ ڪوشش ڪريو؛ ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ گمراهہ نہ ٿيندا.


اُهي گهيٽي سان جنگ ڪندا، ۽ گهيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ جو هو خداوندن جو خداوند، ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي؛ ۽ جيڪي سڏيل، ۽ چونڊيل، ۽ ايماندار هن سان آهن سي بہ غالب پوندا.


۽ هن چيو تہ لک، تہ اهي مبارڪ آهن جن کي گهيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي. ۽ هن مون کي چيو تہ هي خدا جون سچيون ڳالهيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ