Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:23 - Sindhi Bible

23 ۽ نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ، جن کي روح جو پهريون ڦل مليو آهي، سي پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجهون ۽ پنهنجي گود جا پٽ ٿيڻ لاءِ، يعني پنهنجي بدن جي ڇوٽڪاري لاءِ، منتظر ٿيو ويٺا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ ايشور اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پوِتر آتما جي صورت ۾ بخشي آهي، تہ بہ ايشور جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي شرير کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ خدا اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پاڪ روح جي صورت ۾ عطا ڪئي آهي، تہ بہ خدا جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي بدن کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ جن کي پاڪ روح خدا جي پھرين بخشش ٿي مليو آھي، سي بہ پنھنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون ۽ خدا جا ٻار ٿيڻ يعني پنھنجي بدن جي ڇوٽڪاري جي انتظار ۾ ويٺا آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:23
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جنهن وقت اهو ڪم جاري ٿيو، تنهن وقت بني اسرائيل، اَن ۽ شراب، ۽ تيل ۽ ماکي، ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيدائش مان پهريون ڦر گهڻي انداز ۾ آڻي ڏنو، ۽ سڀني شين جو ڏهون حصو هنن گهڻوئي آڻي حاضر ڪيو.


ڇالاءِ تہ اُهي وري ڪڏهن مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اُهي ملائڪن جهڙا آهن، ۽ قيامت جا ٻار ٿيڻ سببان خدا جا ٻار آهن.


پر جڏهن اُهي ڳالهيون ٿيڻ لڳن، تڏهن سنوان ٿي ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇالاءِ جو اوهان جو ڇوٽڪارو ويجهو آيو آهي.


۽ نہ رڳو ايترو، پر اسين خدا ۾ پنهنجي خداوند يسوع جي سبب ڏاڍي خوشي ٿا ڪريون، جنهن جي وسيلي هاڻ اسان جو ميل ميلاپ ٿي چڪو آهي.


نہ رڳو ايترو پر پنهنجين مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون: جو اسان کي خبر آهي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿو ٿئي؛


۽ اُميد مان شرمندگي حاصل نٿي ٿئي؛ ڇالاءِ تہ پاڪ روح، جو اسان کي ڏنو ويو آهي، تنهن جي وسيلي سان خدا جو پيار اسانجين دلين ۾ اوتيو ويو آهي.


افسوس، آئون ڪهڙو نہ ڪمبخت ماڻهو آهيان! ڪير مون کي هن موت جي بدن کان ڇڏائيندو؟


تنهنڪري مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي فرزندن جي ظاهر ٿيڻ جي منتظر آهي،


جنهنڪري اوهان کي ڪنهن بہ نعمت جي ڪمي ڪانهي، ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيو؛


انهي اسان تي مهر بہ هنئي ۽ اسانجين دلين ۾ روح سوٿيءَ طور ڏنائين.


ڇالاءِ جو جڏهن اسين مڪدونيہ ۾ آياسين، تڏهن بہ اسان جي جسم کي آرام ڪونہ هو، پر اسين هر طرف مصيبتن ۾ گرفتار ٿي وياسين؛ ٻاهر جهيڙا جهڳڙا هئا، اندر ڊپ ڊاءُ هو.


ڇالاءِ جو اسين روح جي وسيلي ايمان جي ڪري راستبازيءَ جي اُميد جا منتظر آهيون.


جو اسان جي خاص ميراث جي سوٿي آهي، جيستائين ڪ اسين اُها هٿ ڪريون، انهي لاءِ تہ سندس جلال جي تعريف ٿئي.


۽ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان تي ڇوٽڪاري جي ڏينهن تائين مهر لڳي.


(ڇالاءِ جو روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائيءَ ۽ راستبازيءَ ۽ سچائيءَ ۾ آهي،)


هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن.


۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.


انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي.


اي پيارو، هاڻي اسين خدا جا ٻار آهيون، ۽ اڃا اها ڳالهہ ظاهر ڪانہ ٿي آهي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن اسين بہ ان جهڙا ٿينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ