Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:20 - Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو مخلوقات فاني حالت جي تابع ڪئي ويئي، نہ پنهنجي مرضيءَ سان، پر انهي جي ڪري جنهن کيس انهيءَ اُميد تي تابع ڪيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 جيتوڻيڪ سڄي رچنا پنهنجي رچنا وارو مقصد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو سندس مرضيءَ سان نہ ٿيو پر ايشور کيس پنهنجي لعنت هيٺ آندو، تنهن هوندي بہ کيس اها اميد ڏني ويئي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيتوڻيڪ مخلوقات پنهنجي تخليق جو مقصد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو سندس مرضيءَ سان نہ ٿيو پر خدا کيس پنهنجي لعنت هيٺ آندو، تنهن هوندي بہ کيس اها اميد ڏني ويئي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ڇالاءِ⁠جو مخلوقات مايوسيءَ جي تابع ڪئي ويئي، پنھنجي مرضيءَ سان نہ، پر خدا جي مرضيءَ سان. تنھن ھوندي بہ کيس اھا اميد ڏني ويئي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن جو نالو نوح رکيائين، ۽ چيائين تہ زمين، جنهن کي خدا لعنتي ڪيو آهي، تنهن جي سبب اسين پنهنجن هٿن جو جيڪو پورهيو ۽ محنت پيا ڪريون، تنهن کان هي ٻار اسان کي آرام ڏيندو.


پوءِ خدا نوح کي چيو تہ منهنجي نظر ۾ سڀني ساهوارن جي پڄاڻي اچي پهتي آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي ڪري زمين ظلم سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ ڏس آءٌ انهن کي زمين سان گڏ تباهہ ڪندس.


ڏس، تو منهنجي عمر گرانٺ جيڏي ڪئي آهي؛ ۽ منهنجي حياتي تنهنجي اڳيان ڪين جهڙي آهي: سچ سڀڪو ماڻهو ڪهڙي بہ چڱيءَ حالت ۾ هجي تہ بہ ٻاڦ وانگر آهي.


واعظ چوي ٿو تہ بيهودگين جي بيهودگي، بيهودگين جي بيهودگي، سڀ ڪجهہ بيهودو آهي.


هنن اُنهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي؛ اُهو ويران ٿي مون وٽ دانهون ٿو ڪري؛ سڄو ملڪ ويران ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي دل ۾ انهي جي ڳڻتي ڪانهي.


ڪيستائين هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومائجي ويندي؟ اُتي جي رهڻ وارن جي بڇڙائيءَ ڪري جانور ۽ پکي ناس ٿي ويا آهن؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو اسان جي پڇاڙي نہ ڏسندو.


تنهنڪري هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ جيڪو انهي ۾ رهندو سو جهنگ جي مرن ۽ هوا جي پکين سان گڏ ساڻو ٿيندو؛ هائو، سمنڊ جون مڇيون بہ گم ٿي وينديون.


جانور ڪيئن نہ پيا سهڪن! ڍورن جا گلا حيران پريشان آهن؛ ڇالاءِ جو هنن کي چارو ڪونهي؛ هائو، رڍن جا ڌڻ سُڃا ڪيا ويا آهن.


اسان کي خبر آهي تہ ساري مخلوقات هن وقت تائين گڏجي پيئي ڪنجهي ۽ سور کائي،


ڇالاءِ تہ انهيءَ اُميد جي لاءِ اسان کي نجات ملي. پر جنهن شيءِ جي اُميد اٿئون سا جي ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اُميد ڇا جي؟ ڇو جو اهڙو ڪير آهي، جو ڪا شيءِ ڏسي، پوءِ بہ انهي لاءِ اُميد رکي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ