Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو زندگيءَ جي روح جي شريعت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن مون کي گناهہ ۽ موت جي شريعت کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 پوِتر آتما جي حڪمراني جيڪا اسان کي يسوع مسيح ۾ جيون ڏئي ٿي، تنهن اسان کي پاپ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پاڪ روح جي حڪمراني جيڪا اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ زندگي ڏئي ٿي، تنهن اسان کي گناهہ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جو اصول جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري زندگي ڏئي ٿو، تنھن اسان کي گناھہ ۽ موت جي اصول کان ڇڏايو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:2
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجيءَ نجات جي خوشي مون کي وري عطا ڪر: ۽ آزاد روح سان مون کي سنڀال.


جڏهن هو ٿي هليا تڏهن هي بہ ٿي هليا؛ جڏهن هو ٿي بيٺا تڏهن هي بہ ٿي بيٺا؛ ۽ جڏهن هو زمين تان مٿي ٿي کڄيا تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان مٿي ٿي کڄيا: ڇالاءِ جو ساهہ وارن جو روح ڦيٿن ۾ هو.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.


پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.


جيارڻ وارو تہ روح آهي، جسم مان ڪو فائدو ڪونهي: هي ڳالهيون جيڪي مون اوهان کي چيون آهن، سي روح ۽ زندگي آهن.


۽ اوهان کي سچ جي خبر پوندي، ۽ سچ اوهان کي آزاد ڪندو.


سو جيڪڏهن فرزند اوهان کي آزاد ڪندو تہ اوهين سچ پچ آزاد ٿيندا.


پرسڪا ۽ اِڪولہ، جي مسيح يسوع ۾ مون سان گڏ خدمتگار آهن، تن کي سلام ڏجو،


تڏهن فخر ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڪوبہ نہ، ڪهڙي قسم جي شريعت ڪري؟ ڇا عملن جي شريعت جي ڪري؟ نہ، پر ايمان جي شريعت جي ڪري.


انهي لاءِ تہ جيئن گناهہ موت جي ڪري بادشاهي ڪئي، تيئن فضل بہ راستبازيءَ جي ڪري، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ بادشاهي ڪري.


ڇالاءِ جو گناهہ اوهان تي حڪم ڪين هلائيندو، جو اوهين شريعت جي تابع نہ پر فضل جي تابع آهيو.


۽ گناهہ کان آزاد ٿي اوهين راستبازيءَ جا غلام ٿيا آهيو.


پر هاڻي جڏهن گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، تڏهن اوهان کي انهي جو ڦل، يعني پاڪيزگي حاصل ٿي ٿئي، جنهن جو نتيجو هميشہ جي زندگي آهي.


تنهنڪري آئون هيءَ شريعت ٿو ڏسان، تہ جڏهن آئون نيڪي ڪرڻ ٿو گهُران، تڏهن برائي اچيو حاضر ٿئي.


پر مون کي پنهنجن عضون ۾ هڪڙي ٻئي قسم جي شريعت نظر ٿي اچي، جا منهنجي عقل جي شريعت سان وڙهي، مون کي اُنهي گناهہ جي شريعت جي حوالي ٿي ڪري، جو منهنجن عضون ۾ موجود آهي.


تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، اوهين بہ مسيح جي بدن جي وسيلي شريعت جي نسبت مُئل ٿيا؛ انهي لاءِ تہ ٻئي جا ٿيو، يعني انهي جا جو مُئلن مان جي اُٿيو، تہ اسين سڀ خدا جي لاءِ ڦل پيدا ڪريون.


تنهنڪري هاڻي جيڪي مسيح يسوع ۾ آهن، تن تي سزا جو حڪم ڪونهي.


لکيل بہ ائين آهي، تہ ”پهريون ماڻهو، يعني آدم، جيئري جان ٿيو؛“ پويون آدم جياريندڙ روح ٿيو.


هاڻي اهو خداوند روح آهي؛ ۽ جتي خداوند جو روح آهي اُتي آزادي آهي.


جنهن اسان کي نئين عهد جي خادم ٿيڻ جو لائق ڪيو، نہ لفظن جو پر روح جو؛ ڇالاءِ جو لفظ ماري ٿا وجهن، پر روح جياري ٿو.


هن ڪري جو آئون شريعت جي ڪري ئي شريعت لاءِ مُئس، تہ خدا لاءِ جيئرو ٿيان.


مسيح اسان کي آزاديءَ لاءِ آزاد ڪيو؛ تنهنڪري قائم رهو ۽ وري ٻانهپ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي نہ وڃو.


اوهين هڪ ٻئي جو بار کڻو، ۽ انهي طرح مسيح جي شريعت پوري ڪريو.


پر جيڪو ڪامل شريعت تي، يعني آزادگيءَ جي شريعت تي نظر ٿو ڪري ۽ غور ڪندو ٿو رهي، سو رڳو ٻُڌندڙ ناهي جو وساريو ڇڏي، پر عمل ڪندڙ آهي؛ اهوئي پنهنجي ڪم ۾ برڪت وارو ٿيندو.


۽ ساڍن ٽن ڏينهن کانپوءِ خداوند وٽان حياتيءَ جو روح انهن ۾ اچي پيو، ۽ هو اُٿي پيرن ڀر کڙا ٿيا، ۽ جن کين ڏٺو، تن کي ڏاڍو خوف ٿيو.


۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ