Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:18 - Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو آئون سمجهان ٿو تہ هن زماني جا ڏک سور اُنهي جلال سان مقابلي ڪرڻ جي لائق نہ آهن، جو اسان تي ظاهر ٿيڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جوت سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسان ھن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انھيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جيڪو اسان تي نازل ٿيڻ وارو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


تنهنڪري مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي فرزندن جي ظاهر ٿيڻ جي منتظر آهي،


جڏهن مسيح، جو اسان جي زندگي آهي، سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ جلال ۾ ظاهر ٿيندا.


انهي لاءِ ئي هن اوهان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي سڏيو، تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جو جلال حاصل ڪريو.


۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛


زالن کي سندن مُئل جيئرا ٿي مليا، ۽ ٻيا عذاب سهندي مري ويا، پر ڇوٽڪارو قبول نہ ڪيائون؛ انهي لاءِ تہ انهن کي بهتر قيامت نصيب ٿئي.


تنهنڪري سمجهہ جو سندرو ٻُڌي هوشيار ٿيو، ۽ انهي فضل جي ڪامل اُميد رکو، جو يسوع مسيح جي ظهور وقت اوهان تي ٿيڻو آهي.


پر جيئن جيئن اوهين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو، تيئن تيئن خوشي ڪريو؛ تہ سندس جلال جي ظهور جي وقت بہ ڏاڍا خوش ۽ سرها ٿيو.


تنهنڪري اوهان ۾ جيڪي بزرگ آهن، تن کي آئون نصيحت ٿو ڪريان، جو آئون بہ اُنهن منجهان هڪڙو ۽ مسيح جي ڏکن جو شاهد آهيان، ۽ جيڪو جلال ظاهر ٿيڻ وارو آهي، تنهن ۾ بہ شريڪ آهيان؛


اي پيارو، هاڻي اسين خدا جا ٻار آهيون، ۽ اڃا اها ڳالهہ ظاهر ڪانہ ٿي آهي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن اسين بہ ان جهڙا ٿينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ