Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:17 - Sindhi Bible

17 ۽ جي ٻار آهيون، تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث، ۽ مسيح سان ورثي ۾ هم شريڪ آهيون؛ بشرطيڪ هن سان گڏ ڏک سهون، تہ انهي سان گڏ جلال بہ حاصل ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني ايشور جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جوت ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 جيڪڏھن اسين ھن جا ٻار آھيون تہ وارث بہ آھيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آھيون، بشرطيڪ ھن سان ڏکن ۾ شريڪ ٿيون تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ٿينداسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:17
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.


سندس ڌڻيءَ کيس چيو تہ شاباس اٿيئي اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر: تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس: تون پنهنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ.


اي ننڍڙا ڌڻ، ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو اوهان جي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ اوهان کي بادشاهت عطا ڪري.


ڇا مسيح کي ضرور ڪين هو تہ هي ڏک سهي، ۽ پوءِ پنهنجي جلال ۾ گهڙي؟


اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن.


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


۽ هاڻي آئون اوهان کي خدا ۽ سندس فضل واري ڪلام جي سپرد ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ جي پاڪ ٿيل آهن، تن سڀني سان گڏ ورثو ڏئي.


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي ئي شخص جي ڏوهہ ڪري موت اُنهي هڪڙي جي وسيلي حڪمراني ڪئي؛ تہ جي ماڻهو فضل ۽ سچائيءَ جي بخشش گهڻي انداز ۾ حاصل ٿا ڪن، سي ڪيترو نہ وڌيڪ هڪڙي شخص، يعني يسوع مسيح جي وسيلي، هميشہ جي زندگيءَ ۾ بادشاهي ڪندا.


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


پر جيئن لکيل آهي، تہ ”جيڪي شيون اکين نہ ڏٺيون ۽ ڪنن نہ ٻُڌيون، ۽ جي ماڻهوءَ جي خيال ۾ نہ آيون، سي سڀ خدا اُنهن جي لاءِ تيار ڪيون جي کيس پيار ٿا ڪن.“


ڇالاءِ جو جيئن مسيح جي خاطر اسان جا ڏک وڌندا ٿا وڃن، تيئن ئي اسان جي تسلي بہ مسيح جي وسيلي وڌندي ٿي وڃي.


۽ اسان کي اوهان جي لاءِ پڪي اُميد آهي، ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيئن اوهين انهن ڏکن ۾ شريڪ آهيو، تيئن انهي تسلي ۾ بہ شريڪ آهيو.


۽ جي اوهين مسيح جا آهيو، تہ اوهين ابراهيم جو نسل آهيو، ۽ واعدي موجب وارث آهيو.


تنهنڪري تون اڳتي غلام نہ آهين پر پٽ آهين؛ ۽ جيڪڏهن پٽ آهين تہ خدا جي وسيلي وارث بہ آهين.


يعني هي تہ مسيح يسوع ۾ غير قومون خوشخبريءَ جي وسيلي ميراث ۾ شريڪ، ۽ بدن ۾ شامل، ۽ واعدي جو حصيدار آهن.


ڇالاءِ جو مسيح جي خاطر اوهان ئي تي اهو فضل ٿيو آهي تہ نہ رڳو هن تي ايمان آڻيو، پر هن جي لاءِ ڏک بہ سهو.


انهي لاءِ تہ آئون کيس سڃاڻان ۽ سندس جي اُٿڻ جي قدرت کي ۽ ساڻس گڏ ڏکن ۾ شريڪ ٿيڻ کي معلوم ڪريان، ۽ سندس موت سان مشابهت پيدا ڪريان؛


هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان.


انهي لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ اُميد سان هميشہ جي زندگيءَ جا وارث ٿيون.


هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟


۽ هاڻي هن زماني جي پڇاڙيءَ ۾ اسان سان فرزند جي معرفت ڪلام ڪيو اٿس، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو، ۽ جنهن جي وسيلي هن جهان بہ پيدا ڪيا؛


تنهنڪري خدا جڏهن واعدي جي وارثن کي زيادہ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گهُريو تہ سندس ارادي ۾ ڪا ڦير گهير ڪانہ ٿيندي، تڏهن قسم کنيائين؛


منهنجا پيارا ڀائرو ٻُڌو، خدا هن جهان جي غريبن کي ايمان ۾ ڀرپور ۽ انهي بادشاهت جو وارث ٿيڻ لاءِ پسند نہ ڪيو آهي ڇا، جنهن جو واعدو هن پنهنجي محبت ڪندڙن سان ڪيو آهي؟


تہ اسين هڪڙو غير فاني، ۽ بي داغ، ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جو خاص اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي.


پر جيئن جيئن اوهين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو، تيئن تيئن خوشي ڪريو؛ تہ سندس جلال جي ظهور جي وقت بہ ڏاڍا خوش ۽ سرها ٿيو.


جيڪو غالب پوندو سو هنن شين جو وارث ٿيندو؛ آئون انهي جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ