Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 8:13 - Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين جسم موجب حياتي گذاريندا تہ ضرور مرندا؛ پر جي روح سان بدن جي ڪمن کي فنا ڪندا، تہ جيئرا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 هاڻي جيڪڏهن اوهين انساني فطرت موجب جيون گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏهن پوِتر آتما جي وسيلي انساني فطرت وارن خراب ڪمن کي ناس ڪندا تہ جيوت رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هاڻي جيڪڏهن اوهين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏهن پاڪ روح جي وسيلي انساني فطرت وارن خراب ڪمن کي ناس ڪندا تہ جيئرا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏھن پاڪ روح جي وسيلي جسم جي نفساني خواھشن کي فنا ڪندا تہ جيئرا رھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 8:13
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي بچائيندو ۽ وڃڻ نہ ڏيندو، پر پنهنجي وات منجهہ سنڀاليو رکيو ايندو:


پوءِ جن ڪمن جي ڪري اوهان کي هاڻي شرم ٿو اچي، تن مان اُنهي وقت اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڇالاءِ جو انهن ڪمن جو نتيجو آخر موت آهي.


ڇالاءِ جو گناهہ جي مزوري موت آهي، پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشہ جي زندگي آهي.


ڇالاءِ جو جڏهن اسين جسماني هئاسين، تڏهن خراب خواهشون، جي شريعت جي ڪري ظاهر ٿي ٿيون، تن اسانجن عضون تي اهڙو اثر ٿي ڪيو، جنهن جو نتيجو موت آهي.


تنهنڪري، اي ڀائرو، اسين قرضدار تہ آهيون، پر جسم جا نہ، جو جسم موجب حياتي گذاريون:


بلڪ آئون پنهنجي بدن کي مُڪون ٿو هڻان ۽ انهي کي قابو ٿو ڪريان، تہ متان ٻين کي منادي ڪرڻ کانپوءِ پاڻ قبول نہ پوان.


۽ جيڪي مسيح يسوع جا آهن، تن جسم کي انهي جي خواهشن ۽ سَڌن سميت صليب تي چاڙهيو آهي.


جيڪو پنهنجي جسم جي لاءِ پوکي ٿو، سو جسم مان فنا جو فصل لُڻندو، پر جيڪو روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو روح مان هميشہ جي زندگي لُڻندو.


اوهين پنهنجي اڳوڻي هلت چلت ۽ پراڻي انسانيت، جا فريب جي شهوتن ڪري خراب ٿيندي ٿي وڃي، تنهن کي لاهي ڇڏيو؛


۽ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان تي ڇوٽڪاري جي ڏينهن تائين مهر لڳي.


۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛


۽ اسان کي بہ سيکاري ٿو تہ بي دينيءَ ۽ دنيوي خواهشن کي ترڪ ڪري، هن موجودہ جهان ۾ پرهيزگاريءَ ۽ راستبازيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.


جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو.


اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ