Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:3 - Sindhi Bible

3 تنهنڪري جيڪڏهن مڙس جي جيئري هوءَ ٻئي مرد سان وڃي ڳنڍجي، تہ اُها زناڪار سڏبي: پر جيڪڏهن مڙس مري وڃيس تہ پوءِ هوءَ مڙس جي شريعت کان آزاد آهي، ۽ جي ٻئي مرد سان وڃي شادي ڪري تہ هوءَ زناڪار نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 جيڪڏهن اها ناري پتيءَ جي جيوت هوندي ڪنهن ٻئي مرد سان لاڳاپو رکي ٿي تہ اها زناڪار سڏبي. پر جيڪڏهن سندس پتي مري وڃي تہ هوءَ نيم موجب آزاد آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن بہ مرد سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي تہ اها زناڪار نہ سڏبي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪڏهن اها عورت مڙس جي جيئري ئي ڪنهن ٻئي مرد سان لاڳاپو رکي ٿي تہ اها زناڪار سڏبي. پر جيڪڏهن سندس مڙس مري وڃي تہ هوءَ شريعت موجب آزاد آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن بہ مرد سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي تہ اها زناڪار نہ سڏبي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 جيڪڏھن اھا عورت مڙس جي جيئري ئي ڪنھن ٻئي مرد سان لاڳاپا رکي ٿي تہ اھا عورت زناڪار سڏبي. پر جيڪڏھن سندس مڙس مري وڃي تہ ھوءَ شريعت موجب آزاد آھي ۽ پوءِ جيڪڏھن ڪنھن بہ مرد سان شادي ڪري ٿي تہ اھا عورت زناڪار نہ سڏبي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو ٻئي ماڻهوءَ جي زال سان زنا ڪندو، يعني جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ اهو زناڪار مرد ۽ اُها زناڪار زال ٻئي ضرور ماريا ويندا.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي زال کي زنا جي سبب کانسواءِ ڪڍي ٿو ڇڏي، سو هن کي زناڪار ٿو ڪري: ۽ جيڪو انهيءَ نڪتل زال سان پرڻبو، سو بہ زنا ڪندو.


ڇالاءِ جو جنهن زال جو مڙس حيات آهي، سا هن جي حياتيءَ تائين شريعت موجب ساڻس ٻَڌل آهي؛ پر جي اُهو مڙس مري وڃي تہ پوءِ هوءَ مڙس جي شريعت کان ڇُٽل آهي.


تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، اوهين بہ مسيح جي بدن جي وسيلي شريعت جي نسبت مُئل ٿيا؛ انهي لاءِ تہ ٻئي جا ٿيو، يعني انهي جا جو مُئلن مان جي اُٿيو، تہ اسين سڀ خدا جي لاءِ ڦل پيدا ڪريون.


تڏهن هن چيو، تہ منهنجا سائين، ڀلي تہ تنهنجي نظر ۾ مون کي مان ملي، ڇالاءِ جو تو مون کي تسلي ڏني آهي، ۽ تو پنهنجي ٻانهيءَ سان مهربانيءَ سان ڳالهايو آهي، جيتوڻيڪ آءٌ تنهنجن ٻانهين مان هڪڙيءَ جو مٽ نہ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ