Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:23 - Sindhi Bible

23 پر مون کي پنهنجن عضون ۾ هڪڙي ٻئي قسم جي شريعت نظر ٿي اچي، جا منهنجي عقل جي شريعت سان وڙهي، مون کي اُنهي گناهہ جي شريعت جي حوالي ٿي ڪري، جو منهنجن عضون ۾ موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 پر آءٌ پنهنجي شرير جي عضون ۾ انهيءَ ٻئي حڪم کي ڪم ڪندي ڏسان ٿو، جيڪو منهنجي دلي سوچ سان جنگ ڪري ٿو. اهو مون کي پاپ جي انهيءَ حڪمرانيءَ جو غلام ٿو بڻائي، جيڪا منهنجي عضون ۾ موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پر آءٌ پنهنجي جسم جي عضون ۾ انهيءَ ٻئي حڪم کي ڪم ڪندي ڏسان ٿو، جيڪو منهنجي دلي سوچ سان جنگ ڪري ٿو. اهو مون کي گناهہ جي انهيءَ حڪمرانيءَ جو غلام ٿو بڻائي، جيڪا منهنجي عضون ۾ موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 پر مون کي پنھنجي جسم ۾ ھڪ ٻيو اصول بہ نظر اچي ٿو، جيڪو منھنجي عقل جي اصول سان جنگ ڪري ٿو. اھو گناھہ جو اصول آھي، جيڪو منھنجي جسم ۾ موجود آھي ۽ اھو مون کي غلام بڻائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:23
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجيءَ جان کي قيد مان ٻاهر ڪڍ، تہ آءٌ تنهنجي نالي جي شڪر گذاري ڪريان: راستباز منهنجي آسپاس گڏ ٿيندا؛ ڇو جو تون مون سان ڏاڍي ڀلائي ڪندين.


يقين آهي تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ سچو ماڻهو ڪونهي جو چڱا ڪم ڪري، ۽ گناهہ ڪونہ ڪري.


نڪي پنهنجن عضون کي گناهہ جي حوالي ڪريو تہ ناراستيءَ جا هٿيار ٿين، پر پاڻ کي مُئلن مان جيئرو سمجهي، خدا جي حوالي ڪريو، تہ راستبازيءَ جا هٿيار ٿين.


اوهان جي جسماني ڪمزوريءَ جي سبب آئون انساني طور ٿو ڳالهايان. ڇالاءِ جو جيئن اوهان پنهنجا عضوا بدڪاري ڪرڻ لاءِ، ناپاڪائيءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلامي جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا، تيئن هاڻي پنهنجا عضوا پاڪ ٿيڻ جي لاءِ راستبازيءَ جي غلاميءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو.


ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت تہ روحاني آهي پر آئون جسماني آهيان، ۽ گناهہ جي هٿ ۾ وڪاڻل آهيان.


تنهنڪري آئون هيءَ شريعت ٿو ڏسان، تہ جڏهن آئون نيڪي ڪرڻ ٿو گهُران، تڏهن برائي اچيو حاضر ٿئي.


آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو شڪر ٿو ڪريان. مطلب تہ آئون پاڻ پنهنجي عقل سان خدا جي شريعت جي، مگر بدن سان گناهہ جي شريعت جي تابعداري ٿو ڪريان.


ڇالاءِ جو جڏهن اسين جسماني هئاسين، تڏهن خراب خواهشون، جي شريعت جي ڪري ظاهر ٿي ٿيون، تن اسانجن عضون تي اهڙو اثر ٿي ڪيو، جنهن جو نتيجو موت آهي.


ڇالاءِ جو زندگيءَ جي روح جي شريعت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن مون کي گناهہ ۽ موت جي شريعت کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي.


ڇالاءِ جو جسم روح جي برخلاف خواهش ٿو ڪري، ۽ روح جسم جي برخلاف؛ ۽ اُهي هڪ ٻئي جا مخالف آهن، انهي لاءِ تہ جيڪي اوهين چاهيو ٿا سو نہ ڪريو.


اوهان گناهہ جو مقابلو ڪرڻ ۾ اڃا ايتري مخالفت نہ ڪئي آهي جو رت وهايو وڃي:


ڇالاءِ جو اسين سڀيئي گهڻين ڳالهين ۾ خطا پيا ڪريون. پر ڪامل انسان اُهو آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۾ خطا نٿو ڪري، جيڪو سڄي بدن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿو سگهي.


اوهان ۾ جنگيون، جهيڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا انهن خواهشن مان نٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ پيون جنگ ڪن؟


اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ