Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:18 - Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ مون ۾، يعني منهنجي بدن ۾، نيڪي نٿي رهي، ڇوتہ دل تہ ڏاڍي اٿم تہ نيڪي ڪريان، پر ڪرڻ جي طاقت ڪانہ اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منهنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رهي. جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواهش آهي، تنهن هوندي بہ اها مون کان ٿي نہ ٿي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منهنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رهي. جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواهش آهي، تنهن هوندي بہ اها مون کان ٿي نہ ٿي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منھنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رھي. ڇالاءِ⁠جو منھنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواھش آھي، پر آءٌ ڪري نہ ٿو سگھان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:18
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند ڏٺو تہ انسان جي بڇڙائي زمين تي وڌي ويئي آهي، ۽ هن جي دل جو هرڪو خيال ۽ تصور بہ سدائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي.


۽ خداوند کي انهيءَ جي خوشبوءِ پهتي، ۽ خداوند پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ آءٌ انسان جي ڪري زمين تي وري لعنت نہ ڪندس، ڇالاءِ جو انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان خراب آهي؛ ۽ نڪي سڀ ڪنهن ساهواري کي ماريندس، جيئن هاڻي ڪيو اٿم.


ناپاڪ شيءِ مان ڪير پاڪ شيءِ ڪڍي سگهندو؟ ڪوبہ نہ.


تڏهن ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا وٽ سچو ٿي سگهندو؟ جيڪو ماءُ جي پيٽ مان ڄائو آهي سو ڪهڙيءَ طرح پاڪ ٿي سگهندو؟


شل تنهنجو هٿ منهنجي مدد لاءِ تيار رهي؛ ڇو جو مون تنهنجن قاعدن کي پسند ڪيو آهي.


آءٌ گم ٿيل رڍ وانگي گمراهہ ٿي ويو آهيان؛ تون پنهنجي بندي کي ڳولي لهہ؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن حڪمن کي نٿو وساريان.


جڏهن تون منهنجي همت وڌائيندين، تڏهن آءٌ تنهنجن حڪمن جي واٽ تي ڊوڙندس.


ڏس، مون تنهنجن حڪمن جو انتظار ڪيو آهي: پنهنجي راستبازيءَ جي ڪري مون کي جيار.


شل منهنجي چال اهڙي قائم ٿئي جو آءٌ تنهنجي قانونن تي عمل ڪريان!


ڏس بڇڙائيءَ ۾ مون کي صورت ملي، ۽ گناهہ ۾ آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي پيٽ ۾ ٿيس.


اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين.


ڇالاءِ جو دل مان بڇڙا خيال، خون، زناڪاريون، حرام ڪاريون، چوريون، ڪوڙي شاهدي، گلائون ٿيون نڪرن:


پوءِ جيڪڏهن اوهين جي بڇڙا آهيو، سي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اُنهن کي پاڪ روح ڏيندو، جيڪي کانئس گهُرن ٿا.


جيڪي جسم مان پيدا ٿيو آهي، سو جسم آهي؛ ۽ جيڪي روح مان پيدا ٿيو آهي، سو روح آهي.


پر خداوند يسوع مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو، ۽ جسم جي خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ خيال نہ پچايو.


ڇالاءِ تہ جيڪي آئون ڪريان ٿو، تنهن جي مون کي خبر نٿي پوي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪرڻ گهُران ٿو سو آئون نٿو ڪريان، پر جنهن کان نفرت ٿو ڪريان، سو ئي آئون ڪريان ٿو.


ڇالاءِ جو جيڪا نيڪي ڪرڻ گهُران ٿو، سا نٿو ڪريان، پر جيڪا بدي ڪرڻ نٿو گهُران، سا ئي پيو ڪريان.


آئون پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو شڪر ٿو ڪريان. مطلب تہ آئون پاڻ پنهنجي عقل سان خدا جي شريعت جي، مگر بدن سان گناهہ جي شريعت جي تابعداري ٿو ڪريان.


ڇالاءِ جو جڏهن اسين جسماني هئاسين، تڏهن خراب خواهشون، جي شريعت جي ڪري ظاهر ٿي ٿيون، تن اسانجن عضون تي اهڙو اثر ٿي ڪيو، جنهن جو نتيجو موت آهي.


ڇالاءِ جو جسم روح جي برخلاف خواهش ٿو ڪري، ۽ روح جسم جي برخلاف؛ ۽ اُهي هڪ ٻئي جا مخالف آهن، انهي لاءِ تہ جيڪي اوهين چاهيو ٿا سو نہ ڪريو.


۽ جيڪي مسيح يسوع جا آهن، تن جسم کي انهي جي خواهشن ۽ سَڌن سميت صليب تي چاڙهيو آهي.


ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.


نہ انهي لاءِ تہ مون اها مراد اڳيئي حاصل ڪئي آهي، يا اڳيئي ڪامل ٿي چڪو آهيان: پر آئون ڌوڪيندو اڳتي ٿو وڃان، تہ من اُها شيءِ وڃي هٿ ڪريان، جنهن لاءِ مسيح بہ مون کي هٿ ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو اسين بہ اڳي بي عقل، نافرمان، گمراهہ، قسم قسم جي نفساني خواهشن ۽ عشرتن جا غلام هئاسين، ۽ بدخواهي ۽ حسد ۾ گذاريندا هئاسين. ۽ نفرت جا لائق هئاسين، ۽ هڪ ٻئي سان بہ نفرت ٿي ڪئي سين.


تان تہ اڳتي پنهنجي باقي جسماني زندگي ماڻهن جي نفساني خواهشن موجب نہ، پر خدا جي مرضيءَ موافق گذاري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ