Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 7:10 - Sindhi Bible

10 جنهن حڪم جي مراد هئي تہ زندگي ملي، سو منهنجي حق ۾ موت جو سبب ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ۽ آءٌ مري ويس. اهڙيءَ طرح سڌ پيئي تہ نيم وارو اهو حڪم جنهن جو مقصد مون کي جيون بخشڻ هو، سو ئي منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ۽ آءٌ مري ويس. اهڙيءَ طرح معلوم ٿيو تہ شريعت وارو اهو حڪم جنهن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ هو، سو ئي منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 اھو ئي شرعي حڪم جنھن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ ھو، سو ئي منھنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 7:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن کي پنهنجا قانون ڏنم ۽ پنهنجا حڪم ٻڌايم، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي.


پر اسرائيل جو گهراڻو بيابان ۾ مون کان باغي ٿيو؛ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، ۽ هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي؛ ۽ منهنجن سبتن کي هنن تمام ناپاڪ ڪيو: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ بيابان ۾ هنن تي ڇنڊيندس تہ ڀلي هو چٽ ٿي وڃن.


پر اُهو اولاد بہ مون کان باغي ٿيو؛ ۽ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري انهن تي عمل ڪيائون، جن تي ڪڏهن ڪو ماڻهو عمل ڪري تہ جيڪر جيئندو رهي: هنن منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيو، تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ بيابان ۾ پنهنجو غصو هنن تي پورو ڪريان.


تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن ۽ منهنجن حڪمن تي عمل ڪجو: جيڪو ماڻهو ائين ڪندو، سو انهن جي ڪري جيئرو رهندو: آءٌ خداوند آهيان.


ڇالاءِ جو موسيٰ لکي ٿو تہ ”جيڪو ماڻهو اُنهي راستبازيءَ تي عمل ڪري ٿو جا شريعت موجب آهي، سو انهيءَ ڪري جيئرو رهندو.“


ڇالاءِ جو شريعت تہ غضب پيدا ٿي ڪري، پر جتي شريعت ڪانهي اُتي نافرماني بہ ڪانهي.


۽ ڪنهن زماني ۾ آئون شريعت کانسواءِ جيئرو هوس، پر جڏهن حڪم آيو، تڏهن گناهہ جيئرو ٿيو، ۽ آئون مري ويس.


پر جيڪڏهن موت جي خدمت، جنهن جو عهد پهڻن تي اُڪريل هو، سا اهڙي جلال واري ٿي جو جيڪو جلال موسيٰ جي چهري تي هو ۽ جيتوڻيڪ اهو جلال فاني هو تہ بہ بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نٿي سگهيا،


۽ شريعت جو ايمان سان ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر (لکيل آهي تہ) ”جيڪو انهي تي عمل ڪندو، سو انهي جي ڪري جيئرو رهندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ