Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 6:3 - Sindhi Bible

3 يا اوهان کي اها خبر نہ آهي ڇا تہ اسين سڀ، جن مسيح يسوع ۾ بپتسما ورتي، تن اُنهي جي موت ۾ بپتسما ورتي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 ڇا اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين جيڪي بپتسما وٺي يسوع مسيح سان هڪ ٿيا آهيون، سي انهيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ساڻس هڪ ٿي ويا آهيون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ڇا اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين جيڪي بپتسما وٺي عيسيٰ مسيح سان هڪ ٿيا آهيون، سي انهيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ساڻس هڪ ٿي ويا آهيون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ڇا اوھان کي اھا خبر نہ آھي تہ اسين جيڪي بہ بپتسما وٺي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيا ھئاسين، سي انھيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ھڪ ٿيا ھئاسين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 6:3
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو:


جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن خداوند جي نالي بپتسما ورتائون.


تڏهن پطرس چين تہ اوهين توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجن گناهن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي بپتسما وٺي، تہ پوءِ اوهان کي پاڪ روح جي بخشش ملندي.


ڇو جو اڃا اهو منجهانئن ڪنهن تي بہ نازل ڪين ٿيو هو، پر فقط خداوند يسوع جي نالي تي بپتسما ملي هُين.


اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ جنهن جي تابعداريءَ جي لاءِ اوهين پاڻ کي غلامن وانگر حوالي ٿا ڪريو، ۽ جنهن جو حڪم ٿا مڃو، انهي جا غلام آهيو؛ خواهہ گناهہ جا، جنهن جو نتيجو موت آهي، خواهہ فرمانبرداريءَ جا، جنهن جو نتيجو راستبازي آهي؟


پر جيڪڏهن اسين مسيح سان گڏ مُئاسين، تہ اها پڪ اٿئون تہ اُنهي سان گڏ جيئنداسين بہ،


ٻيو تہ اي ڀائرو، اوهين نٿا ڄاڻو ڇا (آئون اُنهن ماڻهن سان ٿو ڳالهايان جي شريعت کان واقف آهن،) تہ جيسين ماڻهو حيات آهي تيسين شريعت جو اُنهي تي حڪم ٿو هلي؟


۽ سڀني انهي ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ موسيٰ جي بپتسما ورتي،


ڇو جو اسان سڀني کي هڪڙي ئي روح جي ڪري هڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي، پوءِ ڇا يهودي، ڇا يوناني، ڇا غلام، ڇا آزاد، ۽ سڀني کي هڪڙي ئي روح مان پياريو ويو.


نہ تہ جيڪي مُئلن جي لاءِ بپتسما ٿا وٺن، سي ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن مُئل اصل جي نٿا اُٿن، تڏهن هو اُنهن جي لاءِ ڇو ٿا بپتسما وٺن؟


اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين خدا جي هيڪل آهيو، ۽ خدا جو روح اوهان ۾ ٿو رهي؟


اوهين جو فخر ٿا ڪريو سو چڱو نہ آهي. اها خبر نہ اٿوَ ڇا، تہ ٿورو ئي خمير ساري ڳوهيل اٽي کي خميرو ڪيو ڇڏي؟


اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جي هيڪل آهي، جو اوهان ۾ رهي ٿو ۽ جو اوهان کي خدا کان مليل آهي؟ ۽ اوهين پاڻ پنهنجا نہ آهيو؛


يا اوهين نٿا ڄاڻو تہ بدڪار خدا جي بادشاهت جا وارث نہ ٿيندا؟ ڀلجي نہ وڃو، نڪي زناڪار، نڪي بُت پرست، نڪي حرامڪار، نڪي عياش، نڪي لونڊي باز،


اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ خدمت ٿا ڪن سي هيڪل جي شين مان ٿا کائين؛ ۽ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ٿا ڪن، تن کي قربانگاهہ مان حصو ٿو ملي؟


اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ شرط ۾ ڊوڙڻ وارا تہ سڀيئي ٿا ڊوڙن، مگر انعام فقط هڪڙي کي ٿو ملي؟ اوهين بہ اهڙيءَ طرح ڊوڙو جو انعام حاصل ڪريو.


اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ؛ ۽ پاڻ کي آزمايو. يا اوهان کي اها خبر ڪانهي ڇا، تہ يسوع مسيح اوهان ۾ آهي؟ بي وفا هجو تہ ٻي ڳالهہ آهي.


هن ڪري جو اوهان مان جيترن بہ مسيح ۾ شامل ٿيڻ جي بپتسما ورتي، تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.


اي زناڪار انسان، اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گهُري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو ڪري.


انهي جو سچو نمونو، يعني بپتسما، جنهن جي مراد اها نہ آهي تہ بدن جو مير صاف ڪري پر خالص نيت سان خدا جو طالب ٿئي، سا هاڻي بہ يسوع مسيح جي جيئري ٿيڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ