Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 6:2 - Sindhi Bible

2 اصل ئي نہ! اسين، جي گناهہ جي نسبت ۾ مُئاسين، سي ڪهڙيءَ طرح اُنهي ۾ اڃا حياتي گذاريون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 نہ، هرگز نہ. اسين جيڪي پاپ جي نسبت مري چڪا آهيون، سي وري ڪيئن پاپ وارو جيون گذاري ٿا سگھون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 نہ، هرگز نہ. اسين جيڪي گناهہ جي نسبت مري چڪا آهيون، سي وري ڪيئن گناهہ واري زندگي گذاري ٿا سگھون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 نہ، بلڪل نہ. اسين گناھہ جي نسبت مئل آھيون تہ پوءِ ڪيئن ان ۾ وڌيڪ جيئرا رھي سگھنداسين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 6:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن گهر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ ۽ هن تو کان سواءِ، جا هن جي زال آهين، ٻي ڪابہ شيءِ مون کان وانجهي نہ رکي آهي: پوءِ آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪري خدا جو ڏوهاري ٿيان؟


تنهنجن قاعدن جي وسيلي مون کي سمجهہ ٿي ملي؛ تنهن ڪري آءٌ هر ڪنهن ڪوڙيءَ واٽ کان نفرت ٿو ڪريان.


هاڻي باغ جو مالڪ اُنهن کي ڇا ڪندو؟ هو اچي آبادگارن کي چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين کي ڏيندو. جڏهن هنن اهو ٻُڌو تڏهن چوڻ لڳا، تہ خدا خير ڪري!


۽ نہ رڳو ايترو، پر اسين خدا ۾ پنهنجي خداوند يسوع جي سبب ڏاڍي خوشي ٿا ڪريون، جنهن جي وسيلي هاڻ اسان جو ميل ميلاپ ٿي چڪو آهي.


پوءِ ڇا؟ اسين انهي ڪري گناهہ ڪريون ڇا تہ شريعت جي تابع نہ، پر فضل جي تابع آهيون؟ اصل ئي نہ!


تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، اوهين بہ مسيح جي بدن جي وسيلي شريعت جي نسبت مُئل ٿيا؛ انهي لاءِ تہ ٻئي جا ٿيو، يعني انهي جا جو مُئلن مان جي اُٿيو، تہ اسين سڀ خدا جي لاءِ ڦل پيدا ڪريون.


پر هاڻي اسين شريعت کان ڇُٽل آهيون، ڇو جو جنهن شئي سان ٻَڌل هئاسين، انهي جي نسبت مُئاسين؛ تنهنڪري هاڻي جيڪا خدمت ٿا ڪريون، سا پراڻي لکيلن حڪمن سان نہ، پر روح جي نئين زندگيءَ سان.


هن ڪري جو آئون شريعت جي ڪري ئي شريعت لاءِ مُئس، تہ خدا لاءِ جيئرو ٿيان.


پر شل ائين نہ ٿئي تہ آئون ڪنهن ڳالهہ تي بہ فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي صليب تي، جنهن جي وسيلي جهان منهنجي نسبت صليب تي چڙهيو آهي، ۽ آئون جهان جي نسبت.


جيڪڏهن اوهين مسيح سان دنيا جي ابتدائي ڳالهين بابت مري ويا، تہ پوءِ ڇو دنيا جي ماڻهن وانگر پاڻ کي طهرن ۽ قاعدن جو تابعدار ٿا ڪريو؟


ڇالاءِ جو اوهين مري ويا ۽ اوهان جي حياتي مسيح سان خدا ۾ پوشيدہ آهي.


فرمانبردار ٻارن وانگر پنهنجي نادانيءَ جي وقت وارين نفساني خواهشن موجب هلت نہ ڪريو؛


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


جيڪو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي سو گناهہ نٿو ڪري، ڇالاءِ جو هن جو ٻج منجهس رهي ٿو: ۽ هو گناهہ ڪري ئي ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو هو خدا مان پيدا ٿيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ