Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 6:18 - Sindhi Bible

18 ۽ گناهہ کان آزاد ٿي اوهين راستبازيءَ جا غلام ٿيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 هائو، اوهين پاپ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هائو، اوهين گناهہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 اوھين گناھہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿيا آھيو ۽ ھاڻي اوھين سچائيءَ جا غلام ٿيا آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 6:18
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند سچ پچ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان: آءٌ تنهنجو ٻانهو، ۽ تنهنجي ٻانهيءَ جو اولاد آهيان؛ تو منهنجا بند کوليا آهن.


جڏهن تون منهنجي همت وڌائيندين، تڏهن آءٌ تنهنجن حڪمن جي واٽ تي ڊوڙندس.


۽ آءٌ آزاديءَ سان هلندو رهندس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن قاعدن جو طالب آهيان.


اي خداوند اسان جا خدا، توکان سواءِ ٻين معبودن اسان جي مٿان حڪم پئي هلايو آهي؛ پر تنهنجي ئي مدد سان اسين رڳو تنهنجو نالو وٺنداسين.


جيڪو بہ هٿيار تنهنجي برخلاف جڙندو سو ڪامياب نہ ٿيندو؛ ۽ جيڪا زبان عدالت ۾ تنهنجي برخلاف اُٿندي تنهن کي تون ڏوهاري ٺهرائيندينءَ. خداوند فرمائي ٿو تہ اها خداوند جي بندن جي ميراث آهي، ۽ انهن جي راستبازي مون کان آهي.


”خداوند جو روح مون تي آهي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مون کي مسح ڪيو اٿس، ۽ مون کي موڪليو اٿس تہ قيدين کي ڇُٽڻ جي، ۽ انڌن کي سڄي ٿيڻ جي خبر ٻڌايان، ۽ جيڪي لتاڙيل آهن، تن کي آزاد ڪريان،


۽ اوهان کي سچ جي خبر پوندي، ۽ سچ اوهان کي آزاد ڪندو.


سو جيڪڏهن فرزند اوهان کي آزاد ڪندو تہ اوهين سچ پچ آزاد ٿيندا.


ڇالاءِ جو گناهہ اوهان تي حڪم ڪين هلائيندو، جو اوهين شريعت جي تابع نہ پر فضل جي تابع آهيو.


پر هاڻي جڏهن گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، تڏهن اوهان کي انهي جو ڦل، يعني پاڪيزگي حاصل ٿي ٿئي، جنهن جو نتيجو هميشہ جي زندگي آهي.


ڇالاءِ جو جيڪو مُئو، سو گناهہ کان ڇُٽي ويو.


ڇالاءِ جو زندگيءَ جي روح جي شريعت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن مون کي گناهہ ۽ موت جي شريعت کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي.


مسيح اسان کي آزاديءَ لاءِ آزاد ڪيو؛ تنهنڪري قائم رهو ۽ وري ٻانهپ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي نہ وڃو.


۽ پاڻ کي آزاد ڄاڻو، پر ائين نہ ٿئي جو اها آزادي اوهان جي بدي ڪرڻ جو بهانو ٿي پوي، پر پاڻ کي خدا جا غلام سمجهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ