Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 6:14 - Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو گناهہ اوهان تي حڪم ڪين هلائيندو، جو اوهين شريعت جي تابع نہ پر فضل جي تابع آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 سو اڳتي پاپ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين نيم جي وس هيٺ نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سو اڳتي گناهہ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين شريعت جي تابع نہ، بلڪ خدا جي فضل جي تابع آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ڇالاءِ⁠جو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 6:14
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ سندس ٻار تو وٽان هليا ويندا، ۽ پنهنجي خاندان، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهر ڏانهن موٽي ويندا.


هو ڦرندو ۽ اسان تي رحم ڪندو. هو اسانجن گناهن کي پيرن هيٺ لتاڙيندو: ۽ تون هنن جا سڀ گناهہ سمنڊ جي تري ۾ اُڇلائي ڦٽا ڪندين.


۽ هن کي پٽ ڄمندو ۽ انهي جو نالو يسوع رکج. ڇالاءِ جو هو اُهو ئي آهي جو پنهنجي اُمت کي سندن گناهن کان نجات ڏيندو.


۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


سو جيڪڏهن فرزند اوهان کي آزاد ڪندو تہ اوهين سچ پچ آزاد ٿيندا.


پر جيڪڏهن اهو فضل جي ڪري آهي تہ اهو عملن جي ڪري نہ ٿيو، نہ تہ فضل، فضل نہ رهيو.


انهي سببان اهو ورثو ايمان ڪري ٿو ملي، تہ اُهو فضل موجب هجي؛ هِن لاءِ تہ اهو واعدو ساري نسل لاءِ قائم رهي؛ نہ فقط اُنهي نسل جي لاءِ جنهن وٽ شريعت آهي، پر انهي جي لاءِ بہ جنهن کي اسان سڀني جي پيءُ ابراهيم جهڙو ايمان آهي.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي ئي شخص جي ڏوهہ ڪري موت اُنهي هڪڙي جي وسيلي حڪمراني ڪئي؛ تہ جي ماڻهو فضل ۽ سچائيءَ جي بخشش گهڻي انداز ۾ حاصل ٿا ڪن، سي ڪيترو نہ وڌيڪ هڪڙي شخص، يعني يسوع مسيح جي وسيلي، هميشہ جي زندگيءَ ۾ بادشاهي ڪندا.


انهي ڪري جيئن هڪڙي ڏوهہ جي سبب اها فتويٰ ملي، جنهن ڪري سڀني ماڻهن تي سزا جو حڪم جاري ٿيو؛ تيئن راستبازيءَ جي هڪڙي ڪم سبب فضل جي بخشش ملي، تہ سڀيئي ماڻهو راستباز ٺهرايا وڃن ۽ زندگي حاصل ڪن.


تنهنڪري گناهہ کي پنهنجي فاني جسم ۾ بادشاهي ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين سندن خواهشن جي تابعداري ڪريو.


پوءِ ڇا؟ اسين انهي ڪري گناهہ ڪريون ڇا تہ شريعت جي تابع نہ، پر فضل جي تابع آهيون؟ اصل ئي نہ!


تنهنڪري، اي ڀائرو، اسين قرضدار تہ آهيون، پر جسم جا نہ، جو جسم موجب حياتي گذاريون:


ڇالاءِ جو زندگيءَ جي روح جي شريعت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن مون کي گناهہ ۽ موت جي شريعت کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي.


پر ايمان اچڻ کان اڳي اسين شريعت جي هيٺ بند هئاسين، ۽ جو ايمان پوءِ ظاهر ٿيڻو هو، تنهن لاءِ بند ڪري رکيا وياسين.


اوهين جي شريعت جي ماتحت رهڻ ٿا گهُرو، سي مون کي ٻُڌايو تہ اوهين شريعت نٿا ٻُڌو ڇا؟


پر جي اوهين روح جي هدايت تي هلندا تہ شريعت جي ماتحت نہ ٿيا.


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد آهي جو آئون اسرائيل جي گهراڻي سان انهن ڏينهن کانپوءِ ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس. ۽ آئون سندن خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي اُمت ٿيندا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ