Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 6:11 - Sindhi Bible

11 ساڳيو انهيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي گناهہ جي نسبت مُئل سمجهو، پر خدا جي نسبت مسيح يسوع ۾ جيئرا سمجهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي پاپ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ يسوع مسيح ۾ اوهين پنهنجو جيون ايشور لاءِ مخصوص سمجھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي گناهہ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهين پنهنجي زندگي خدا لاءِ مخصوص سمجھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 اھڙيءَ طرح اوھين بہ پاڻ کي گناھہ جي نسبت مئل سمجھو، پر خدا جي نسبت عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڻ کي جيئرو سمجھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 6:11
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.


۽ انهي واحد ۽ داناءُ خدا جو جلال يسوع مسيح جي معرفت هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.


تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون.


ڇالاءِ تہ مسيح جو مُئو، سو گناهہ جي نسبت ۾ هڪڙو ڀيرو مُئو: پر هاڻي جو جيئرو آهي سو خدا جي نسبت جيئرو آهي.


نڪي پنهنجن عضون کي گناهہ جي حوالي ڪريو تہ ناراستيءَ جا هٿيار ٿين، پر پاڻ کي مُئلن مان جيئرو سمجهي، خدا جي حوالي ڪريو، تہ راستبازيءَ جا هٿيار ٿين.


اصل ئي نہ! اسين، جي گناهہ جي نسبت ۾ مُئاسين، سي ڪهڙيءَ طرح اُنهي ۾ اڃا حياتي گذاريون؟


ڇالاءِ جو گناهہ جي مزوري موت آهي، پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشہ جي زندگي آهي.


تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، اوهين بہ مسيح جي بدن جي وسيلي شريعت جي نسبت مُئل ٿيا؛ انهي لاءِ تہ ٻئي جا ٿيو، يعني انهي جا جو مُئلن مان جي اُٿيو، تہ اسين سڀ خدا جي لاءِ ڦل پيدا ڪريون.


پر هاڻي اسين شريعت کان ڇُٽل آهيون، ڇو جو جنهن شئي سان ٻَڌل هئاسين، انهي جي نسبت مُئاسين؛ تنهنڪري هاڻي جيڪا خدمت ٿا ڪريون، سا پراڻي لکيلن حڪمن سان نہ، پر روح جي نئين زندگيءَ سان.


ڇالاءِ جو آئون سمجهان ٿو تہ هن زماني جا ڏک سور اُنهي جلال سان مقابلي ڪرڻ جي لائق نہ آهن، جو اسان تي ظاهر ٿيڻ وارو آهي.


ڇالاءِ تہ ملهہ ڳڌل آهيو. تنهنڪري پنهنجي بدن سان خدا جو جلال ظاهر ڪريو.


انهي لاءِ تہ پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جا مسيح يسوع ۾ اسان تي آهي، ايندڙ زمانن ۾ پنهنجي فضل جي بي انداز دولت ظاهر ڪري:


۽ سچائي جي انهن ڦلن سان ڀريل رهو، جي يسوع مسيح جي ڪري آهن، تہ خدا جو جلال ۽ سندس تعريف ظاهر ٿئي.


۽ خدا جو اطمينان، جو سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سو اوهان جي دلين ۽ خيالن جي مسيح يسوع ۾ نگهباني ڪندو.


جيڪڏهن اوهين مسيح سان دنيا جي ابتدائي ڳالهين بابت مري ويا، تہ پوءِ ڇو دنيا جي ماڻهن وانگر پاڻ کي طهرن ۽ قاعدن جو تابعدار ٿا ڪريو؟


۽ جيڪي بہ ڪريو، قول يا فعل، سو سڀ خداوند يسوع مسيح جي نالي تي ڪريو، ۽ انهي جي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيو.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو منادي ڪري تہ اهو خدا جي ڪلام موجب ڪري؛ جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ اهڙي ڪري جهڙي خدا طاقت ڏني هجيس، انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو جلال ظاهر ٿئي، جنهن جي وڏائي ۽ بادشاهي هميشہ تائين قائم آهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ