Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 5:7 - Sindhi Bible

7 ڪنهن راستباز ماڻهوءَ جي لاءِ ڪو مشڪل جان ڏيندو، پر شايد ڪنهن نيڪ انسان جي لاءِ ڪو ماڻهو همت ڪري پنهنجي جان ڏئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 ڪنهن سچار ماڻهوءَ خاطر بہ مشڪل سان ڪو پنهنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻهو ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ جي همت ڪري بہ وجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ڪنهن سچار ماڻهوءَ خاطر بہ مشڪل سان ڪو پنهنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻهو ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ جي همت ڪري بہ وجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ڪنھن سچار ماڻھوءَ خاطر بہ مشڪل سان ئي ڪو پنھنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻھو ڪنھن نيڪ ماڻھوءَ لاءِ پنھنجي جان ڏيڻ جي ھمت ڪري بہ وجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 5:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پهري واري چيو تہ منهنجي خيال ۾ جيڪو اڳي ڊوڙندو اچي سو صدوق جي پٽ اخيمعض جهڙو ٿو ڊوڙي، ۽ بادشاهہ چيو تہ اهو چڱو ماڻهو آهي، ۽ چڱي خبر ٿو آڻي.


پر ماڻهن چيو تہ تون اسان سان نہ هلندين: ڇالاءِ جو جي اسين ڀڄي وياسين تہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا؛ يا جي اسان مان اڌ جيترا کڻي مئا تہ بہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا: پر تون اسان جهڙن ڏهن هزارن جو مٽ آهين: تنهنڪري هاڻي بهتر ائين آهي تہ تون شهر ۾ رهي اتان اسان ڏي مدد موڪلڻ لاءِ تيار رهج.


جيڪو ماڻهو رحم ڪري اُڌارو ٿو ڏئي تنهن جو ڀلو ٿيندو؛ هو پنهنجو ڪم ڪار سچائيءَ سان ڪندو.


ڇالاءِ جو هنن ماڻهن جي دل ڏاڍي ٿي پيئي آهي، ۽ سندن ڪَن گهٻرا آهن، ۽ هنن پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون آهن؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻُڌن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون کين شفا ڏيان.“


هن کان مٿي ڪو پيار ڪونهي، جو ماڻهو پنهنجن دوستن لاءِ جان ڏئي.


ڇالاءِ جو هو پاڻ نيڪ شخص هو، ۽ پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو: ۽ گهڻائي ماڻهو خداوند جي ڪليسيا ۾ اچي شامل ٿيا.


جي منهنجي حياتيءَ جي لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا، تن جو نہ فقط آئون شڪرگذار آهيان، پر غير قومن جو سڀ ڪليسيائون بہ.


ڇالاءِ تہ جڏهن اسين اڃا ڪمزور ئي هئاسين، تڏهن عين وقت تي مسيح بي دينن جي خاطر مُئو.


پر خدا پنهنجي پيار جي خوبي هن طرح اسان تي ظاهر ٿو ڪري، جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تڏهن مسيح اسان جي خاطر مُئو.


انهي مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آهي، ڇالاءِ جو هن اسان جي لاءِ پنهنجي جان ڏني: ۽ اسان کي بہ پنهنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيڻ گهرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ