Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 5:20 - Sindhi Bible

20 شريعت وچ ۾ آئي انهي لاءِ تہ ڏوهہ وڌيڪ ٿئي؛ پر جتي گناهہ گهڻو ٿيو آهي، اُتي فضل هيڪاري وڌيڪ ٿيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 مطلب تہ موسيٰ جو نيم انهيءَ لاءِ آيو تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري پاپ وڌي. پر جتي پاپ گھڻو وڌيو اتي ايشور جي ڪرپا انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 مطلب تہ شريعت انهيءَ لاءِ آئي تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري گناهہ وڌي. پر جتي گناهہ گھڻو وڌيو اتي خدا جو فضل انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 شريعت جي ملڻ کان پوءِ ڏوھہ وڌيا. گناھہ کڻي ڪيترا بہ وڌيا پر خدا جو فضل انھن کان بہ وڌي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 5:20
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، پنهنجي نالي جي واسطي منهنجو ڏوهہ معاف ڪر، ڇالاءِ جو اُهو وڏو آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ هاڻي اچو تہ پاڻ ۾ حجت دليل ڪريون: جيتوڻيڪ اوهان جا گناهہ کهنبي جهڙا هوندا تہ بہ اهي برف جهڙا اڇا ٿي ويندا؛ جيتوڻيڪ اهي قرمز جهڙا ڳاڙها هوندا تہ بہ اُن جهڙا ٿي پوندا.


تو جو پنهنجين ڀينرن لاءِ فتويٰ ڏني آهي، سو تون پنهنجي خواري بہ پاڻ تي کڻ؛ تو هنن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙا گناهہ ڪيا آهن، تنهنڪري هو تو کان وڌيڪ سچيون آهن: ها، تون بہ لڄي ٿي ۽ پنهنجي خواري پاڻ کڻ، جو تو پنهنجين ڀينرن کي بي گناهہ ثابت ڪيو آهي.


سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ جوڙيو، ۽ انهي کي هڪڙي ڊگهيءَ ڪاٺيءَ تي لٽڪايائين: ۽ هيئن ٿيو، تہ جنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي، تنهن جڏهن پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو، تہ جيئرو ٿي رهيو.


جڏهن اُهي آيا جن ڪلاڪ کن ڪم ڪيو هو، تڏهن انهن مان هڪڙي هڪڙي کي دينار مليو.


پر اوهين وڃي هن جي معنيٰ سمجهو، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني؛ ڇالاءِ جو آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.


انهي ڪري آئون توکي چوان ٿو تہ هن جا گناهہ جي گهڻا آهن سي معاف ٿيا، ڇوتہ هن گهڻو پيار ڪيو آهي: پر جنهن کي ٿورو معاف ٿيو آهي، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.


چور رڳو اُنهيءَ مراد سان ٿو اچي تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري: آئون انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ اُنهن کي زندگي ملي، بلڪ ججهي ملينِ.


جيڪڏهن آئون نہ اچان ها، ۽ ساڻن ڳالهيون نہ ڪريان ها، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي انهن کي پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڪو عذر ڪونهي.


ڇالاءِ جو شريعت تہ غضب پيدا ٿي ڪري، پر جتي شريعت ڪانهي اُتي نافرماني بہ ڪانهي.


تڏهن اسين ڇا چئون؟ گناهہ ڪندا رهون تہ فضل وڌيڪ ٿئي؟


ڇالاءِ جو گناهہ اوهان تي حڪم ڪين هلائيندو، جو اوهين شريعت جي تابع نہ پر فضل جي تابع آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ