Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 5:14 - Sindhi Bible

14 انهي هوندي بہ آدم کان وٺي موسيٰ تائين موت اُنهن تي بہ حڪمراني ڪئي، جن انهي آدم جي نافرمانيءَ جهڙو گناهہ نہ ڪيو، پر اُنهي شخص جو مثل هو جو اچڻ وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ڏسو، آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻهن تي موت جي حڪمراني هئي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن آدم جي نافرمانيءَ وانگر ايشور جي حڪم جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي. انسانذات تي اثر جي لحاظ کان آدم مسيح وانگر آهي، جيڪو پوءِ اچڻ وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ڏسو، آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻهن تي موت جي حڪمراني هئي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن آدم جي نافرمانيءَ وانگر خدا جي حڪم جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي. انسانذات تي اثر جي لحاظ کان آدم مسيح وانگر آهي، جيڪو پوءِ اچڻ وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻھن تي موت جي حڪمراني ھئي، جيتوڻيڪ انھن مان ڪن اھڙو گناھہ نہ ڪيو جھڙو آدم خدا جي حڪم جي نافرماني ڪندي ڪيو. ڪن ڳالھين ۾ آدم مسيح وانگر ھو، جيڪو پوءِ اچڻ وارو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 5:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن شهرن کي، ۽ ساري ميدان کي، ۽ انهن شهرن جي سڀني رهاڪن کي، ۽ جيڪي زمين تي اُڀريو هو، تنهن کي برباد ڪري ڇڏيائين.


پوءِ قائن پنهنجي ڀاءُ هابل کي چيو تہ هل تہ ٻنيءَ ۾ هلون، ۽ جڏهن هو ٻنيءَ ۾ هئا، تڏهن قائن پنهنجي ڀاءُ هابل تي حملو ڪيو ۽ ماري وڌائينس.


۽ جن ۾ زندگيءَ جو دم هو ۽ جيڪي سڪيءَ زمين تي رهندا هئا، سي سڀئي مري ويا.


پوءِ فرعون پنهنجن سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياهہ ۾ اُڇلايو، ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئري ڇڏيو.


پوءِ يوسف ۽ سندس ڀائر، ۽ اها سڄي پيڙهي فوت ٿي ويئي.


پر هنن آدم وانگر عهد اقرار ڀڳو آهي: اُتي هنن منهنجي برخلاف دغابازي ڪئي آهي.


تڏهن آءٌ نينوہ جي وڏي شهر تي رحم نہ ڪريان، جنهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي سڄي ۽ کٻي هٿ جي وچ ۾ فرق جي خبر ڪانهي، ۽ گهڻو چوپايو مال بہ آهي؟


تنهنڪري جيئن هڪڙي ماڻهوءَ جي ڪري گناهہ دنيا ۾ آيو، ۽ گناهہ جي سبب موت آيو، ۽ موت سڀني ماڻهن ۾ پکڙجي ويو، ڇالاءِ جو سڀني گناهہ ڪيو.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي ئي شخص جي ڏوهہ ڪري موت اُنهي هڪڙي جي وسيلي حڪمراني ڪئي؛ تہ جي ماڻهو فضل ۽ سچائيءَ جي بخشش گهڻي انداز ۾ حاصل ٿا ڪن، سي ڪيترو نہ وڌيڪ هڪڙي شخص، يعني يسوع مسيح جي وسيلي، هميشہ جي زندگيءَ ۾ بادشاهي ڪندا.


انهي لاءِ تہ جيئن گناهہ موت جي ڪري بادشاهي ڪئي، تيئن فضل بہ راستبازيءَ جي ڪري، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ بادشاهي ڪري.


ڇالاءِ جو مخلوقات فاني حالت جي تابع ڪئي ويئي، نہ پنهنجي مرضيءَ سان، پر انهي جي ڪري جنهن کيس انهيءَ اُميد تي تابع ڪيو؛


اسان کي خبر آهي تہ ساري مخلوقات هن وقت تائين گڏجي پيئي ڪنجهي ۽ سور کائي،


هن ڪري جو جيئن آدم جي ڪري سڀيئي مرن ٿا، تيئن مسيح جي ڪري سڀيئي وري جيئرا ڪيا ويندا.


لکيل بہ ائين آهي، تہ ”پهريون ماڻهو، يعني آدم، جيئري جان ٿيو؛“ پويون آدم جياريندڙ روح ٿيو.


۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ