Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:20 - Sindhi Bible

20 ۽ نڪي بي ايمان ٿي خدا جي واعدي تي شڪ ڪيائين، بلڪ ايمان ۾ پڪو ٿي خدا جي تعريف ڪيائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 ۽ ايشور جي وچن تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيائين. اٽلندو هو وشواس ۾ وڌيڪ پڪو ٿي ايشور جي مهما ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ۽ خدا جي واعدي تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيائين. اٽلندو هو ايمان ۾ وڌيڪ پڪو ٿي خدا جي واکاڻ ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پر ھن جي ايمان کي لوڏو بہ نہ آيو. ھن خدا جي واعدي تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيو، بلڪ ھو ايمان ۾ وڌيڪ پڪو ٿي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:20
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن خداوند تي ايمان آندو؛ ۽ هن اهو سندس لاءِ راستبازي شمار ڪيو.


۽ سردار انهيءَ خدا جي مرد کي ورندي ڏيئي چيو هو تہ هاڻي ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو هوس تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين مگر انهيءَ مان کائيندين ڪين:


تڏهن جنهن سردار جي هٿ تي بادشاهہ ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي اُنهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين، مگر اُنهيءَ مان کائيندين ڪين.


جيڪي ڊڄڻيءَ دل وارا آهن، تن کي چئو تہ مضبوط ٿيو، ۽ ڊڄو نہ: ڏسو، اوهان جو خدا وير وٺڻ لاءِ ۽ بدلو ڏيڻ لاءِ ايندو؛ هو اچي اوهان کي بچائيندو.


۽ افرائيم جي گاديءَ جو هنڌ سامريہ آهي، ۽ سامريہ جو سردار رملياہ جو پٽ آهي. جيڪڏهن اوهين ايمان نہ آڻيندا تہ ضرور اوهين بہ قائم نہ ٿيندا.


۽ هن چيو تہ اي گهڻو پيارا ماڻهو، ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، طاقت وارو ٿي، هائو، طاقت وارو ٿي، ۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن مون ۾ طاقت پيدا ٿي، ۽ چوڻ لڳس تہ ڀلي منهنجو مالڪ ڳالهائي، ڇالاءِ جو تو مون کي طاقت بخشي آهي.


۽ جيڪي عهد اقرار جي برخلاف شرارت ڪندا، تن کي هو خوشامدون ڪري ڦيرائي ڇڏيندو: پر جيڪي ماڻهو پنهنجو خدا سڃاڻن ٿا سي زور وارا ٿيندا، ۽ وڏا ڪم ڪندا.


انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي زروبابل، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ اي يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ملڪ جا سڀ رهاڪو، مضبوط ٿيو ۽ ڪم ڪريو: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان سان آهيان.


اي يهوداہ ۽ اسرائيل جا گهراڻا، اوهين جي ٻين قومن ۾ لعنتي هئا، تن کي آءٌ بچائيندس، ۽ اوهين برڪت جو باعث ٿيندا: ڊڄو نہ، پر پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين جي هن وقت نبين جي معرفت ڪلام ٻُڌو ٿا، جي اُنهن ڏينهن ۾ هئا، جن ڏينهن ۾ لشڪرن جي خداوند جي گهر، يعني هيڪل جو بنياد وڌو ويو هو تہ اُهو ٺاهيو وڃي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.


پر جڏهن خلق هيءُ حال ڏٺو، تڏهن سڀ ڊڄي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا، جنهن انسان کي اهڙي طاقت ڏني آهي.


تڏهن زڪرياہ ملائڪ کي چيو تہ مون کي انهيءَ جي ڪيئن خبر پوندي؟ ڇالاءِ جو آئون پيرسن آهيان، ۽ منهنجي زال بہ اچي وڏي ٿي آهي.


۽ اها مبارڪ آهي جنهن ايمان آندو، ڇو جو جيڪي ڳالهيون خداوند جي پاران کيس ٻڌايون ويون آهن، سي پوريون ٿينديون.


اوهين سجاڳ رهو، ايمان تي ثابت قدم رهو، مردانا ٿيو ۽ مضبوط ٿيو.


تنهنڪري آئون مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، ايذائن ۾، احتياجن ۾، ستائجڻ ۾، ۽ مصيبتن ۾ خوش ٿو رهان؛ ڇالاءِ جو جڏهن آئون ڪمزور آهيان، تڏهن زوراور آهيان.


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.


۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ