Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:16 - Sindhi Bible

16 انهي سببان اهو ورثو ايمان ڪري ٿو ملي، تہ اُهو فضل موجب هجي؛ هِن لاءِ تہ اهو واعدو ساري نسل لاءِ قائم رهي؛ نہ فقط اُنهي نسل جي لاءِ جنهن وٽ شريعت آهي، پر انهي جي لاءِ بہ جنهن کي اسان سڀني جي پيءُ ابراهيم جهڙو ايمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تنهنڪري اهو وچن وشواس رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو ايشور جي ڪرپا جي بخشش هجي، جيڪو ابرهام جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ نيم آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابرهام وانگر وشواس آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابرهام اسان سڀني جو پتا آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهنڪري اهو واعدو ايمان رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو خدا جي فضل جي بخشش هجي، جيڪو ابراهيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ شريعت آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابراهيم وانگر ايمان آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابراهيم اسان سڀني جو پيءُ آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 تنھنڪري اھو واعدو ايمان جي بنياد تي ۽ خدا جي فضل جي نتيجي ۾ ٿيو، تہ جيئن اھو ابراھيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رھي. نہ رڳو انھن لاءِ جن وٽ شريعت آھي، پر انھن لاءِ بہ جيڪي ابراھيم وانگر ايمان آڻين ٿا، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم اسان سڀني جو پيءُ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي پيءُ ابرهام، ۽ تنهنجي ماءُ سارہ ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو جڏهن مون هن کي سڏيو تڏهن هو اڪيلو هو، پر مون هن کي برڪت ڏني ۽ منجهانئس گهڻا ڪيم.


يسوع چيو، تہ اڄ هن گهر ۾ نجات آئي آهي، ڪيئن جو هيءُ بہ ابراهيم جو اولاد آهي.


ڇالاءِ جو آئون چوان ٿو تہ مسيح خدا جي راستبازيءَ خاطر مختونن جو خادم ٿيو آهي، انهي لاءِ تہ جيڪي واعدا ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا هئا سي پورا ڪري،


يعني خدا جي اُها راستبازي جا يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري سڀني ايماندارن کي حاصل ٿي ٿئي، ڇالاءِ جو ڪوبہ فرق ڪونهي،


جي ائين آهي تہ خدا هڪڙو آهي، جو مختونن کي بہ ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، ۽ جيڪي نامختون آهن، تن کي بہ ايمان جي ڪري.


۽ کيس ختني جو نشان مليو، تہ انهي ايمان جي راستبازيءَ تي اها مهر ٿئي جو ايمان هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو، انهي لاءِ تہ هو انهن سڀني جو ابو ٿئي، جي بنا ختني جي حالت ۾ آهن تہ بہ ايمان ٿا آڻين، تہ انهن جي لاءِ بہ راستبازي ليکي وڃي؛


تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون.


مطلب تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار ناهن؛ پر جيڪي واعدي جا ٻار آهن، سي ئي نسل ٿا ليکجن.


انهي لاءِ تہ مسيح يسوع ۾ ابراهيم جي برڪت غير قومن تي اچي؛ ۽ اسين ايمان جي وسيلي اهو روح جو انجام حاصل ڪريون.


هاڻي ابراهيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا ويا. هو ائين نٿو چوي تہ ”نسلن سان“ جيئن گهڻن لاءِ چئبو آهي، پر جيئن هڪڙي لاءِ چئبو آهي تہ ”تنهنجي نسل سان“ ۽ اهو مسيح آهي.


مگر پاڪ ڪتاب سڀ ڪجهہ گناهہ هيٺ بند ڪري رکيو آهي، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري اُهو واعدو ايمان وارن کي ملي.


اسان کي مسيح سان جيئرو ڪيو، جڏهن اسين اڃا پنهنجين خطائن جي ڪري مُئل هئاسين، (فضل جي ڪري ئي اوهان کي نجات ملي آهي)،


ڇالاءِ جو فضل جي ڪري ئي، ايمان جي وسيلي اوهان کي نجات ملي آهي؛ ۽ اُها اوهان جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش آهي –


انهي لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ اُميد سان هميشہ جي زندگيءَ جا وارث ٿيون.


تنهنڪري اي ڀائرو، پنهنجي ڪوٺ ۽ چونڊ جي خاطري ڪرڻ لاءِ زيادہ ڪوشش ڪريو؛ ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ گمراهہ نہ ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ