Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:8 - Sindhi Bible

8 (۽ جيئن ڪ اسان تي ڪوڙي تهمت ٿا لڳائين ۽ سيکارين ٿا، تہ اسان جو چوڻ آهي) تہ ڇو نہ اسين برائي ڪريون، تہ انهيءَ مان ڀلائي نڪري؟ پر اهڙن جو ڏوهاري ليکجڻ انصاف آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پوءِ اوهين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انهيءَ مان ڀلائي ٿئي.“ ڪي ماڻهو اسان تي اها تهمت هڻن بہ ٿا تہ اها سکيا اسان جي آهي. اهڙن تهمت هڻندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ انصاف آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ اوهين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انهيءَ مان ڀلائي ٿئي.“ ڪي ماڻهو اسان تي اها تهمت هڻن بہ ٿا تہ اها تعليم اسان جي آهي. اهڙن تهمت هڻندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ انصاف آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پوءِ اوھين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انھيءَ مان ڀلائي ٿئي“؟ ڪي ماڻھو اسان تي ھيءَ تھمت ٿا ھڻن تہ اھا ئي اسان جي تعليم آھي. اھڙن ماڻھن جو ڏوھي ٿيڻ ئي انصاف آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جدلياہ بن اخيقام، يوحنان بن قريحہ کي چيو تہ تون اهو ڪم متان ڪرين: ڇالاءِ جو تون اسماعيل جي بابت ڪوڙ ٿو ڳالهائين.


مبارڪ اوهين تڏهن آهيو، جڏهن منهنجي نالي ماڻهو اوهان کي طعنا هڻندا، ۽ ستائيندا، ۽ بي گناهہ اوهان تي هر طرح جي تهمت لڳائيندا.


شريعت وچ ۾ آئي انهي لاءِ تہ ڏوهہ وڌيڪ ٿئي؛ پر جتي گناهہ گهڻو ٿيو آهي، اُتي فضل هيڪاري وڌيڪ ٿيو:


تڏهن اسين ڇا چئون؟ گناهہ ڪندا رهون تہ فضل وڌيڪ ٿئي؟


پوءِ ڇا؟ اسين انهي ڪري گناهہ ڪريون ڇا تہ شريعت جي تابع نہ، پر فضل جي تابع آهيون؟ اصل ئي نہ!


تڏهن اسين ڇا چئون؟ شريعت گناهہ آهي ڇا؟ اصل ئي نہ! انهي هوندي بہ شريعت کانسواءِ مون کي گناهہ جي خبر ڪانہ پوي ها: ڇالاءِ جو جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ تون لالچ نہ ڪر، تہ جيڪر مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ها.


تنهنڪري جيڪڏهن انهي جا خادم پاڻ کي راستبازيءَ جا خادم ٿا بنائين تہ ڪا عجب ڳالهہ ڪانهي. انهن جو نتيجو سندن ڪمن جهڙو ٿيندو.


عزت ۽ بي عزتيءَ سان، بدناميءَ ۽ نيڪ ناميءَ سان؛ ٺڳن وانگر، مگر سچار؛


ڇالاءِ جو ڪي ماڻهو آهن جي لڪي ڇپي گهڙي آيا آهن، يعني اُهي جي قديم زماني کان هن سزا جي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ اُهي بي دين ماڻهو آهن، جي اسان جي خدا جو فضل ڦيرائي شهوت پرستي ٿا ڪن، ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ