Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:7 - Sindhi Bible

7 پر جيڪڏهن منهنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايترو وڌيڪ پڌري ٿي، جو سندس جلال ظاهر ٿيو، تڏهن مون تي گنهگار وانگر ڪيئن ٿي فتويٰ جاري ڪرڻ ۾ اچي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 شايد ڪو هيئن چوي تہ ”پوءِ جيڪڏهن منهنجي ڪوڙ جي ڪري ايشور جي سچائي ايتري تہ وڌيڪ پڌري ٿي جو سندس جوت ظاهر ٿي، تہ پوءِ مون تي پاپيءَ هئڻ جو فيصلو ڇو ٿو جاري ڪيو وڃي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 شايد ڪو هيئن چوي تہ ”پوءِ جيڪڏهن منهنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايتري تہ وڌيڪ پڌري ٿي جو سندس جلوو ظاهر ٿيو، تہ پوءِ مون تي گنهگار هئڻ جي فتويٰ ڇو ٿي جاري ڪئي وڃي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پوءِ جيڪڏھن منھنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايتري تہ وڌيڪ پڌري ٿي جو سندس جلوو ظاھر ٿيو، تہ پوءِ مون تي گنھگار وانگر فتويٰ ڇو ٿي جاري ڪئي وڃي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي اچو تہ هن کي قتل ڪري، ڪنهن کڏ ۾ اُڇلائي وجهون، پوءِ چونداسين تہ ڪو جهنگ جو مرون کائي ويو اٿس: پوءِ ڏسون تہ هن جي خوابن جو ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري.


اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن اسرائيل کي مصرين جي هٿان بچايو، ۽ اسرائيل مصرين کي سمنڊ جي ڪناري تي مئل ڏٺو.


۽ جڏهن مصر جي بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي برخلاف ڦيرو کاڌو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ اسان هي ڇا ڪيو جو اسرائيلين کي پنهنجيءَ غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟


۽ مون کي خبر آهي تہ مصر جو بادشاهہ اوهان کي وڃڻ جي موڪل ڪين ڏيندو، جيسين زبردستيءَ سان وڃڻ نہ ڏي.


يسوع چيس، تہ آئون توکي سچ ٿو چوان، تہ اڄوڪي رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.


۽ جڏهن هو خدا جي مقرر انتظام ۽ پيش بينيءَ جي ڪري جهلايو ويو، تڏهن هن کي اوهان بي دين ماڻهن جي هٿان صليب تي چاڙهي مارايو:


بلڪل نہ، پر ڀلي تہ خدا سچو ليکجي ۽ سڀ ڪو ماڻهو ڪوڙو ليکجڻ ۾ اچي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجن ڳالهين ۾ سچو ٺهرين، پنهنجي مقدمي ۾ فتحياب ٿين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ