Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:5 - Sindhi Bible

5 پر جيڪڏهن اسان جي ناراستيءَ جي ڪري خدا جي خوبي ظاهر ٿي ٿئي، تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ خدا بي انصاف آهي ڇا، جو غضب نازل ٿو ڪري؟ (هي آئون انساني طور ٿو چوان.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري ايشور پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”ايشور سچو نہ آهي، جو هو ڏمر پرگھٽ ڪري ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”خدا سچو نہ آهي، جو هو غضب نازل ڪري ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 پر آءٌ ماڻھن جي ئي بحث مطابق پڇي سگھان ٿو تہ جيڪڏھن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا جو انصاف ظاھر ٿئي ٿو تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ خدا بي⁠انصاف آھي، جو ھو غضب ٿو نازل ڪري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:5
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


خدا ڪو عدالت جو خون ڪري ٿو ڇا؟ يا قادر مطلق ڪو انصاف کي ڦيرائي ٿو ڇا؟


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي؛ هائو خداوند انتقام ٿو وٺي ۽ ڪاوڙ ٿو ڏيکاري؛ خداوند پنهنجن دشمنن کان وير وٺي ٿو، ۽ پنهنجي ويرين لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“


پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛


هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.


پر جيڪڏهن منهنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايترو وڌيڪ پڌري ٿي، جو سندس جلال ظاهر ٿيو، تڏهن مون تي گنهگار وانگر ڪيئن ٿي فتويٰ جاري ڪرڻ ۾ اچي؟


تڏهن اسين ڇا چئون، تہ ابراهيم، جو جسماني طور اسان جو ابو هو، تنهن کي ڇا حاصل ٿيو؟


پر خدا پنهنجي پيار جي خوبي هن طرح اسان تي ظاهر ٿو ڪري، جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تڏهن مسيح اسان جي خاطر مُئو.


تڏهن اسين ڇا چئون؟ گناهہ ڪندا رهون تہ فضل وڌيڪ ٿئي؟


اوهان جي جسماني ڪمزوريءَ جي سبب آئون انساني طور ٿو ڳالهايان. ڇالاءِ جو جيئن اوهان پنهنجا عضوا بدڪاري ڪرڻ لاءِ، ناپاڪائيءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلامي جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا، تيئن هاڻي پنهنجا عضوا پاڪ ٿيڻ جي لاءِ راستبازيءَ جي غلاميءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو.


تڏهن اسين ڇا چئون؟ شريعت گناهہ آهي ڇا؟ اصل ئي نہ! انهي هوندي بہ شريعت کانسواءِ مون کي گناهہ جي خبر ڪانہ پوي ها: ڇالاءِ جو جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ تون لالچ نہ ڪر، تہ جيڪر مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ها.


تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟


تڏهن اسين ڇا چئون؟ هي، تہ جن غير قومن راستبازيءَ جي ڳولا نہ ڪئي، تن کي اُها ملي، يعني اها راستبازي جا ايمان جي ڪري آهي.


جيڪڏهن آئون انسان وانگر افسس ۾ جانورن سان وڙهيس، تہ انهي مان مون کي ڪهڙو فائدو؟ جي مُئل جي نہ اُٿندا تہ اچو تہ کائون پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي تہ مري وينداسين.


اهي ڳالهيون آئون انسانن جي دستور موجب ٿو چوان ڇا؟ يا شريعت بہ ائين نٿي چوي ڇا؟


پر سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائي، پنهنجي نيڪي ظاهر ٿا ڪريون: ڏاڍي صبر ۾، مصيبتن ۾، ضرورتن ۾، تنگ حالتن ۾؛


ڇالاءِ جو ڏسو، اها ئي ساڳي ڳالهہ تہ اوهان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪهڙي نہ سرگرمي، ڪهڙي نہ عذرخواهي، ڪهڙي نہ غيرت، ڪهڙو نہ ڊپ، ڪهڙي نہ سڪ، ڪهڙو نہ شوق، ڪهڙو نہ انتقام پيدا ڪيو! هر طرح سان اوهان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ انهي ڳالهہ ۾ اوهين آجا آهيو.


ڇالاءِ جو جيڪي مون ڊاهيو آهي سو جي آئون وري اڏيندس، تہ آئون پاڻ کي قصور وار ثابت ڪندس.


اي ڀائرو، آئون ماڻهن جي دستور موجب ٿو ڳالهايان، تہ جيتوڻيڪ اهو ڪنهن ماڻهو جو عهد هجي، تہ بہ جڏهن اُهو پڪو ڪيو ٿو وڃي، تڏهن ڪوبہ انهي کي رد نٿو ڪري، نڪي انهي ۾ ڪجهہ وڌائي ٿو سگهي.


۽ انهن خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ۽ گهيٽي جو راڳ پئي ڳايو، تہ اي خداوند قادر مطلق، تنهنجا ڪم عظيم ۽ عجيب آهن؛ اي زمانن جا بادشاهہ، تنهنجا رستا سنوان ۽ سچا آهن.


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ