Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:30 - Sindhi Bible

30 جي ائين آهي تہ خدا هڪڙو آهي، جو مختونن کي بہ ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، ۽ جيڪي نامختون آهن، تن کي بہ ايمان جي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 جيئن تہ ايشور هڪڙو ئي آهي، سو هو ختني ٿيلن توڙي ختني نہ ٿيلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني وشواس آڻڻ سان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 جيئن تہ خدا هڪڙو ئي آهي، سو هو طهريلن توڙي اڻ‌طهريلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني ايمان آڻڻ سان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 بيشڪ خدا ھڪڙو ئي آھي، جيڪو طھريلن توڙي اڻ⁠طھريلن کي سندن ايمان آڻڻ جي ڪري ئي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:30
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري جنهن شخص جو ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو، تہ سندس نامختوني بہ ختني جهڙي ڪري نہ ليکبي ڇا؟


۽ جنهن شخص جو قوميت جي ڪري ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت تي عمل ڪندو، تہ تون جو ڪلام ۽ ختني هوندي بہ شريعت تي نٿو هلين، تنهن کي اُهو قصوروار نہ ٺهرائيندو ڇا؟


يعني خدا جي اُها راستبازي جا يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري سڀني ايماندارن کي حاصل ٿي ٿئي، ڇالاءِ جو ڪوبہ فرق ڪونهي،


تنهنڪري اسين ائين ٿا سمجهون تہ ماڻهو شريعت جي عملن کانسواءِ رڳو ايمان جي ئي ڪري راستباز ٺهرايو ٿو وڃي.


انهي سببان اهو ورثو ايمان ڪري ٿو ملي، تہ اُهو فضل موجب هجي؛ هِن لاءِ تہ اهو واعدو ساري نسل لاءِ قائم رهي؛ نہ فقط اُنهي نسل جي لاءِ جنهن وٽ شريعت آهي، پر انهي جي لاءِ بہ جنهن کي اسان سڀني جي پيءُ ابراهيم جهڙو ايمان آهي.


تڏهن اها برڪت مختونن جي ئي لاءِ آهي، يا انهن جي لاءِ بہ جيڪي نامختون آهن؟ ڇالاءِ جو اسين چئون ٿا تہ ابراهيم جي لاءِ سندس ايمان راستبازي ليکيو ويو.


هاڻي درمياني هڪڙيءَ ڌر جو نہ ٿيندو آهي؛ پر خدا هڪڙو آهي.


پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو.


۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو مختوني ڪجهہ بہ نہ آهي، ۽ نامختوني بہ ڪجهہ نہ آهي، پر جيڪي آهي سو نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


اي اسرائيل، ٻڌ: خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي:


ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛


ڇالاءِ جو خدا هڪڙو آهي، ۽ خدا ۽ ماڻهن جو درمياني بہ هڪڙو ئي آهي، يعني مسيح يسوع، جو انسان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ