Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:13 - Sindhi Bible

13 هنن جي نڙي هڪڙي کليل قبر آهي؛ پنهنجي زبان سان هنن ٺڳي ڪئي آهي: ۽ سندن چپن ۾ نانگن جو زهر آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 انهن جا وات کُليل قبرن مثل آهن، يعني انهن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي. سندن چپن مان نڪتل لفظ نانگ جي زهر وانگر آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 انهن جا وات کُليل قبرن مثل آهن، يعني انهن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي. سندن چپن مان نڪتل لفظ نانگ جي زهر وانگر آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 انھن جا وات کليل قبرن مثل آھن، يعني انھن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي. سندن چپن مان نڪتل لفظ نانگ جي زھر وانگر آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن پنهنجيءَ زبان کي سپ وانگي تکو ڪيو آهي؛ سندن چپن هيٺ کپر جو زهر آهي.


انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.


ڇو تہ انهن جي وات ۾ ڪا سچائي ڪانهي؛ انهنجو اندر تمام بڇڙو آهي: انهن جي نڙي کليل قبر آهي؛ اُهي پنهنجيءَ زبان سان خوشامد ٿا ڪن.


تنهنجي زبان بڇڙائي ٿي رٿي؛ ۽ تکي پاڻيءَ وانگر ٺڳيءَ سان پئي هلي.


منهنجي جان شينهن جي وچ ۾ آهي؛ آءٌ اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ليٽيل آهيان جن ۾ باهہ پيئي ٻري، جن جا ڏند ڀالا ۽ تير آهن، ۽ جن جي زبان تکي ترار آهي.


ڇالاءِ جو اوهان جا هٿ رت سان، ۽ اوهان جون آڱريون بدڪاريءَ سان ڀريل آهن؛ اوهان جي چپن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ اوهان جي زبان شرارت جون ڳالهيون ڪيون آهن.


هنن جي تيرن جي بٿي هڪڙي کليل قبر آهي، هو سڀ زور وارا ماڻهو آهن.


اوهان باطل رويا ڏٺو آهي، ۽ اوهان ڪوڙي فال ٻڌائي آهي، جو اوهين چئو ٿا تہ خداوند ٿو فرمائي، اگرچہ مون فرمايو ئي ڪونهي.


اُهي سڀ گمراهہ ٿي ويا آهن، مڙيئي نڪما ٿي پيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ نہ:


بلڪل نہ، پر ڀلي تہ خدا سچو ليکجي ۽ سڀ ڪو ماڻهو ڪوڙو ليکجڻ ۾ اچي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجن ڳالهين ۾ سچو ٺهرين، پنهنجي مقدمي ۾ فتحياب ٿين.“


انهن جو شراب نانگن جو وِهہ، ۽ سپن جو موتمار زهر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ