Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:12 - Sindhi Bible

12 اُهي سڀ گمراهہ ٿي ويا آهن، مڙيئي نڪما ٿي پيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ نہ:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 سڀني ماڻهن ايشور کان منهن موڙيو آهي، سڀيئي ڀَٽڪي ويا آهن. ڪوبہ نيڪي ڪندڙ ڪونهي، نہ، هڪڙو بہ نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 سڀني ماڻهن خدا کان منهن موڙيو آهي، سڀيئي گمراهہ ٿي ويا آهن. ڪوبہ نيڪي ڪندڙ ڪونهي، نہ، هڪڙو بہ نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 سڀني ماڻھن خدا کان منھن موڙيو آھي، سڀيئي گمراھہ ٿي ويا آھن. ڪوبہ نيڪي ڪندڙ ڪونھي، نہ، ھڪڙو بہ نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:12
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي خدا جوڙيو هو تنهن سڀ تي نظر ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ تمام چڱو آهي. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو ۽ ڇهون ڏينهن ٿيو.


اهي سڀ گمراهہ ٿيا آهن، ۽ سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن، نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي.


بيوقوف پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا ڪونهي. اُهي بگڙي ويا آهن، اُنهن ڪراهت جهڙي برائي ڪئي آهي؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي.


انهن مان هرڪو گمراهہ ٿيو آهي؛ اهي سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي.


جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو جوڙيو آهي، ۽ انهي جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهي جي لاءِ قربانيون چاڙهيون اٿن، ۽ چيو اٿن تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


يقين آهي تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ سچو ماڻهو ڪونهي جو چڱا ڪم ڪري، ۽ گناهہ ڪونہ ڪري.


ڏسو، مون فقط هي معلوم ڪيو آهي تہ خدا ماڻهوءَ کي سنئون بنايو، پر هنن گهڻيون ئي اجايون ڳالهيون ڳولي ڪڍيون آهن.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


سلامتيءَ جي رستي جي انهن کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهن جي هلت چلت ۾ انصاف ڪونهي: انهن پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن؛ جيڪو انهن تي هلي ٿو تنهن لاءِ سلامتي ڪانهي.


اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.


۽ اوهين هن نڪمي نوڪر کي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيو: اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛


هنن جي نڙي هڪڙي کليل قبر آهي؛ پنهنجي زبان سان هنن ٺڳي ڪئي آهي: ۽ سندن چپن ۾ نانگن جو زهر آهي:


انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:


هو اڳي تہ تنهنجي ڪنهن بہ ڪم جو ڪين هو، پر هاڻي تنهنجي توڙي منهنجي ٻنهي جي ڪم جو آهي.


ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ