Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:29 - Sindhi Bible

29 پر يهودي اُهو آهي، جو اندر ۾ يهودي آهي، ۽ ختنو اُهو آهي، جو دل جو ۽ روحاني آهي، نہ نالي جو: اهڙي جي تعريف ماڻهن کان نہ، پر خدا جي طرفان ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 پر حقيقي يهودي اهو آهي جنهن جي دل ايشور ڏانهن سچي هجي ۽ حقيقي ختنو اهو آهي جيڪو دل جو هجي. اهو ختنو لکيل نيم مطابق نہ، پر آتمڪ هجي. اهڙي يهوديءَ جي ساراهہ ماڻهن جي واتان نہ پر ايشور جي طرفان ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 پر حقيقي يهودي اهو آهي جنهن جي دل خدا ڏانهن سچي هجي ۽ حقيقي طهر اهو آهي جيڪو دل جو هجي. اهو طهر لکيل شريعت مطابق نہ، پر روحاني هجي. اهڙي يهوديءَ جي ساراهہ ماڻهن جي واتان نہ پر خدا جي طرفان ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 پر يھودي اھو آھي جنھن جي دل خدا ڏانھن سچي آھي. طھر اھو آھي جو دلي ۽ روحاني آھي ۽ نہ شرعي. اھڙي طھر جي ساراھہ ماڻھن جي واتان نہ پر خدا جي طرفان ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:29
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا، آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون دل کي جاچين ٿو، ۽ سچائيءَ ۾ تنهنجي خوشي آهي. مون پنهنجي دل جي سچائيءَ سان هي سڀ شيون رضامنديءَ سان ڏنيون آهن: هاڻي مون کي، تنهنجي قوم جا هتي حاضر آهي، تنهن کي تنهنجي حضور ۾ رضامنديءَ سان ڏيندو ڏسي، ڏاڍي خوشي حاصل ٿي آهي.


بادشاهہ جي ڌيءَ محلات ۾ بلڪل شان واري آهي: سندس ڪپڙن تي سون جو ڀرت آهي.


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


اي يهوداہ جا ماڻهو ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جي لاءِ پنهنجو طهر ڪرايو ۽ پنهنجي دل جا کولا لاهي اُڇلائي ڇڏيو: متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي اوهان جن بڇڙن ڪمن سبب پکڙي پئي، ۽ اهڙي ٻري جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ طهريلن کي اڻ طهريلن وانگر، يعني سڀني کي سزا ڏيندس.


تڏهن خداوند چيس، تہ اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو ملي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر ڦرلٽ ۽ برائي سان ڀريو پيو آهي.


نڪي هو چوندا تہ اِجها هتي! ڇالاءِ جو ڏسو، خدا جي بادشاهت اوهان جي اندر ۾ آهي.


ڇالاءِ جو هنن خدا جي وڏائيءَ کان ماڻهن جي وڏائيءَ کي زيادہ پسند ٿي ڪيو.


پر اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هينئر اچي سهڙي آهي، جڏهن سچا عابد روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا: ڇالاءِ تہ پيءُ اهڙن ئي عابدن کي ٿو چاهي.


اوهين جي هڪ ٻئي کان وڏائي ٿا گهُرو، پر اها وڏائي جا هڪڙي ئي خدا کان ٿي ملي تنهن جي ڳولا نٿا ڪريو، سي ڀلا ڪيئن ايمان آڻي سگهندا؟


ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت کائڻ پيئڻ تي منحصر نہ آهي، پر راستبازي، ۽ ميل ميلاپ، ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻَڌل آهي جا پاڪ روح جي طرفان آهي.


۽ جنهن شخص جو قوميت جي ڪري ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت تي عمل ڪندو، تہ تون جو ڪلام ۽ ختني هوندي بہ شريعت تي نٿو هلين، تنهن کي اُهو قصوروار نہ ٺهرائيندو ڇا؟


تڏهن يهوديءَ کي ڪهڙو نفعو آهي؟ يا ختني مان ڪهڙو فائدو آهي؟


پر هاڻي اسين شريعت کان ڇُٽل آهيون، ڇو جو جنهن شئي سان ٻَڌل هئاسين، انهي جي نسبت مُئاسين؛ تنهنڪري هاڻي جيڪا خدمت ٿا ڪريون، سا پراڻي لکيلن حڪمن سان نہ، پر روح جي نئين زندگيءَ سان.


تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.


ختنو ڪرائڻ توڙي نہ ڪرائڻ ڪي بہ ڪينهي پر خدا جي حڪمن تي هلڻ سڀ ڪجهہ آهي.


ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي تعريف ٿو ڪري سو قبول نٿو پوي، پر اهو جنهن جي خداوند تعريف ٿو ڪري.


جنهن اسان کي نئين عهد جي خادم ٿيڻ جو لائق ڪيو، نہ لفظن جو پر روح جو؛ ڇالاءِ جو لفظ ماري ٿا وجهن، پر روح جياري ٿو.


تنهنڪري اوهين پنهنجي دل جو ختنو ڪريو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو.


۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين.


ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛


پر جيئن خدا اسان کي قبول ڪري، خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن اسين بہ بيان ٿا ڪريون؛ نہ ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پر خدا کي، جو اسان جي دلين جو آزمائڻ وارو آهي.


پر اندر وارو باطن ۾ حليم، ۽ غريب طبيعت جو غير فاني ويس هئڻ گهرجي، جنهن جو خدا جي نظر ۾ گهڻو قدر آهي.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ